حيدرآباد جا هاسٽل Investigation Report

Junaid Birmani, Nasir Abbas Liskani
Who are other group memebrs who did not file report

Following students did not file assignment Names of the members who did not submit their investigation report are given bellow:
1. Furqan ali
2. Siraj bhagat
3. Yasir gill

انويسٽيگيشن رپورٽ
حيدرآباد جا هاسٽل
جنيد برماڻي
رول نمبر: 2K15/MC/111
ڪلاس: بي ايس سال ٽيون

سرڪاري هاسٽل ۽ خانگي هاسٽل
نوجوان هر ملڪ جو سرمايو هوندو آها، نوجوان ملڪ جي خدمت لاءِ پڙهندا آهن، اسانجو شاگرد پنهنجن علائقن ۾ جيتري پڙهائي ڪري سگھندو آهي اوتري ڪندو آهي، پر جڏهن ڪو شاگرد يونيورسٽي تائين جي تعليم حاصل ڪرڻ چاهيندو آهي ته هن کي گھڻو ڪري شهر جو رخ ڪرڻو پوندو آهي، انهن شهرن ۾ جيڪڏهن ڪنهن شاگرد جا ڄاڻ سڃاڻ وارا مائٽ آهن ته ٺيڪ نه ته ڪنهن نئين شاگرد کي ڪنهن شهر ۾ رهڻ لاءِ تمام گھڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ پوندو آهي، جن مان سڀ کان وڏو مسئلو سندن رهائش جو هوندو آهي، تنهن لاءِ وڌ کان وڌ شاگرد ڪوشش ڪندا آهن ته سندن رهڻ جو بندوبست يونيورسٽي جي هاسٽل ۾ ٿي وڃي پر گنجائش نه هئڻ جي ڪري تمام گھڻن شاگردن کي پنهنجي رهائش جو بندوبست يا ته مسواڙ تي ڪو گھر وٺي ڪرڻو پوندو آهي يا ته وري ڪنهن خانگي هاسٽل جي رهائش اختيار ڪرڻي پوندي آهي، پر اهڙي صورتحال ۾ گھڻا شاگرد خانگي هاسٽلز تي رهڻ پسند ڪندا آهن ڇو ته اتي انهن کي گھربل سموريون سهولتون ملي وينديون آهن، جن ۾ ٽه وقت تي صاف کاڌو، پيئڻ لاءِ صاف پاڻي، صاف سٿرو ماحول، جنريٽر جي سهولت، ٽي وي، ڪشاده ڪمرا ۽ سيڪيورٽي جو بهتر نظام شامل آهن، هونئنءِ ته حيدر آباد ۾ سرڪاري هاسٽلز جي بلڊنگز ته آهن پر يا اتي ڪنهن بااثر جو قبضو آهي يا ٻئي ڪنهن اداري جا ماڻهو پنهنجي اداري جي ڪمن ڪارن لاءِ استعمال ۾ آڻيندا آهن، تنهن ڪري شاگرد خانگي هاسٽلز تي رهڻ تي مجبور بڻيل آهن.
سرڪاري ڪاليجن جا هاسٽل:
1.گورنمينٽ ڪاليج آف ٽيڪنالاجي
2.نور محمد اسڪول هاسٽل
3.سول اسپتال هاسٽل
4.ذبيده گرلز هاسٽل
گورنمينٽ ڪاليج آف ٽيڪنالاجي
هن تعليمي اداري کي هڪ هاسٽل آهي جيڪا هن ۾ پڙهندڙ شاگردن جي رهائش لاءِ ٺاهي وئي هئي پر ڪاليج جا شاگرد ان هاسٽل جي سهولتن ماڻي نه سگھيا، ان هاسٽل جي ٺهڻ کان اتي هڪ سياسي جمائت جو قبضو هو، پر جڏهن ان سياسي جائت کان ان هاسٽل جو قبضو خالي ڪرايو ويو ته اتي وري هڪ سرڪاري اداري قبضو ڪري ورتو جنهن ڪري اڄ تائين اتي شاگرد رهائش اختيار نه ڪري سگھيا آهن.
نور محمد هاءِ اسڪول هاسٽل
هن اداري جي شاگردن لاءِ کي به سهولتون ڏيڻ لاءِ هڪ هاسٽل ٺهرائي وئي هئي، پر انهي هاسٽل جو حال به اهڙو ئي ٿيو جهڙو گورنمينٽ ڪاليج آف ٽيڪنالاجي جي هاسٽل جو ٿيو هو، مطلب ته پهريان ته اتي مختلف سياسي جمائتن پنهنجا ماڻهو ويهاري ڇڏيا پر جڏهن انهن قبضو خالي ڪيو ته اتي وري سرڪاري اداري اچي پنهنجا ڏيريا ڄمائي ورتا.
ذبيده گرلز ڪاليج حيدرآباد
هن ڪاليج ۾ پڙهندڙ شاگردياڻين لاءِ هڪ هاسٽل ٺاهي وئي هئي جنهن ۾ شاگردياڻيون ته رهن ٿيون پر جڏهن اتي جي سهولتن بابت ڳالهه ڪبي ته اهي ڪنهن معياري هاسٽل جون به لڳنديون، اتي رهندڙ شاگردياڻين کان جڏهن هاسٽل تي فراهم ٿيندڙ سهولتن بابت ڄاڻ ورتي وئي ته اتي رهندڙ هڪ شاگردياڻي پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته هاسٽل ۾ تمام گھڻا مسئلا آهن، کاڌو صاف سٿرو نه هئڻ ڪري مختلف بيماريون پيدا ٿين ٿيون، هڪ ته پاڻي صاف ناهي پر جيڪو ملي ٿو اهو به ڪڏهن ڪڏهن بند ٿي ويندو آهي، بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب به شاگردياڻيون تمام گھڻين مشڪلاتن کي منهن ڏينديون آهن.
سول اسپتال هاسٽل
سول اسپتال حيدرآباد ۾ اسپتال ۾ مختلف علائقن کان ڪم ڪرڻ لاءِ آيل ماڻهو رهائش اختيار ڪري ويٺل آهن، سنڌ جي وڏين اسپتالن مان هڪ هئڻ ڪري سول اسپتال حيدرآباد ۾ ڪم ڪندڙ عملي جو تعداد به تمام وڌيڪ آهي ۽ عملو حيدرآباد کان علاوه ٻين شهرن جو به آهي تنهن ڪري هتي ٻين شهرن مان آيل ماڻهو هاسٽل تي رهندا آهن، انهي سان گڏ اتي ڊاڪٽرن جو به وڏو تعداد هاسٽل تي رهندو آهي.
سنڌ جي ٻهراڙين مان آيل شاگردن کي جڏهن سرڪاري هاسٽلز ۾ رهائش نٿي ملي ته اهي خانگي هاسٽلز کي پنهنجو آخري سهارو سمجھندا آهن، انهي سبب جي ڪري حيدرآباد شهر ۾ ڪيترائي خانگي هاسٽلز موجود آهن.
قاسم آباد جي ڪجھ هاسٽلز جا تفصيل:
شاهه لطيف هاسٽل
بيدار هاسٽل
المصطفيٰ هاسٽل
گرين ورڪس هاسٽل
عڪس هاسٽل
انهن خانگي هاسٽلز جي مشاهدي ۽ اتي رهندڙ شاگردن کان جڏهن سهولتن ۽ خانگي هاسٽلز جي معيار بابت رايا ورتا ويا ته اتي رهندڙ شاگرد سرڪاري ادارن ۾ رهندڙ شاگردن کان وڌيڪ مطمعن ۽ انتظاميا پاران مليل سهولتن مان خوش هئا، پر جڏهن تعليم جي حوالي سان ڏسجي ته انهن هاسٽلز ۾ سي ايس ايس جي تياري کانسواءِ ٻين رهندڙ شاگردن ۾ پڙهائي وارو رجحان سرڪاري هاسٽلز تي رهندڙ شاگردن جي ڀيٽ ۾ گھٽ نظر آيو، انهي پڙهائي واري رجحان جي گھٽتائي جا ڪيترائي ڪارڻ ٿي سگھن ٿا جيڪي خانگي هاسٽلز ۾ رهندڙ شاگرد ئي بهتر نموني ڄاڻي سگھن ٿا.




ناصر عباس
رول نمبر: 2K15/MC/19
ڪلاس: بي ايس سال ٽيون

پرائيويٽ هاسٽلز ۾ تعليمي ماحول
تعليمي سرگرمين جي وڌندڙ رجحان سبب شاگرد اڪثر ڪري ڪري گريلو ماحول کان الڳ پڙهائي ڪرڻ کي ترجيح ڏيندا آهن جنهن لاءِ کين هاسٽلز تي رهڻو پوندو آهي، اسان وٽ سرڪاري هاسٽلز جي کوٽ جيڪي يونيورسٽي يا ڪاليجز ۾ قائم هاسٽلز ۾ شاگردن جي رهڻ جي گنجائش گھٽ هئڻ ڪري شاگرد خانگي هاسٽلز ۾ رهندا آهن انهي سان گڏ ٻيا به ڪيترائي سبب آهن جن جي ڪري شاگردن خانگي هاسٽلز ۾ رهڻ کي ترجيح ڏيندا آهن، جيئن کاڌو، صفائي، بجلي، انٽرنيٽ جي سهولت وغيره.
اسان جڏهن خاص ڪري خانگي ڪاليجن ۾ تعليمي ماحول جي ڇنڊڇاڻ لاءِ قاسم آباد جي مختلف هاسٽلز ۾ پهتاسين ته اتي هڪ سرڪاري هاسٽل کان تمام مختلف ماحول اسان کي نظر آيو.





هاسٽل
ٽوٽل ڪمرا
هڪ ڪمري ۾ شاگرد
1.بيدار هاسٽل
8
4
2.المصطفيٰ هاسٽل
8
5
3.عڪس هاسٽل
9
4
4.شاهه لطيف هاسٽل
6
5
5.گرين ورڪس(1)
6
5
6.گرين ورڪس(2)
7
4

بيدار هاسٽل: بيدار هاسٽل تي جڏهن تعليمي ماحول جو اڀياس ڪرڻ لاءِ پهتاسين ته اتي شاگردن کي روزمره جي زندگي جو تمام ضروري شيون مهيا ٿيل هيون پر جيڪا شئي هڪ شاگرد کي گھربل هوندي آهي ان جي کوٽ هئي، مطلب ته لائبريري ۽ روزاني اخبار.
بيدار هاسٽل تي اڪثريت يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ شاگردن جي هئي جيڪي صبح ۾ يونيورسٽي ويندا ۽ شام ۾ پنهنجي پڙهائي هاسٽل تي ئي ڪري وٺندا آهن، انهن سان ڪجھ ڪاليج جا شاگرد به هئا جيڪي هاسٽل تي لائبريري نه هئڻ علامه دائودپوٽا لائبريري ۾ پڙهڻ لاءِ ويندا هئا، باقي شاگرد پنهنجي ڪمرن اندر ئي پڙهائي ڪرڻ کي ترجيح ڏيندا هئا.
المصطفيٰ هاسٽل: المصطفيٰ هاسٽل تي شاگردن جي پڙهائي لاءِ بهتر ماحول پيدا ڪيو ويو هو، جنهن ۾ شاگردن لاءِ هڪ لائبريري، روزاني اخبار سميت مختلف ميگزين ۽ رسالا آڻڻ شامل هو، هتي جا شاگرد ٻاهر ڪنهن لائبريري ۾ پڙهڻ بدران هاسٽل جي اندر پنهنجي پڙهائي ڪرڻ کي ترجيح ڏيندا آهن، انهي سان گڏ اتي شاگردن جي ذهني اوسر لاءِ مختلف وقتن تي مختلف ماڻهن جي هاسٽل اندر ليڪچر به ڪرايا ويندا هئا جيڪي شاگردن کي مختلف موضوعن تي ڄاڻ فراهم ڪندا آهن.
عڪس هاسٽل: عڪس هاسٽل جو ماحول ٻين هاسٽلز کان گھڻو بهتر ۽ شاگرد دوست نظر آيو جتي شاگردن کي پنهنجي پڙهائي ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ لاءِ تمام گھربل سهولتون فراهم ڪيل هيون جن ۾ اسٽينڊباءِ جنريٽر، لائبريري، واءِ فاءِ سسٽم سميت ٻيون گھربل سهولتون شامل آهن، هتي به شاگردن جي ڄاڻ ۾ اضافي لاءِ مختلف ماڻهن جا ليڪچر ڪرايا ويندا آهن، جن ۾ سي ايس ايس جي تياري ڪندڙ شاگرد جي رهنمائي لاءِ به ليڪچر ٿيندا آهن.
شاهه لطيف هاسٽل: شاهه لطيف هاسٽل تي هڪ ڪمري ۾ شاگردن جو تعداد وڌيڪ هئڻ ڪري اتي شاگردن کي ٻين مسئلن سان گڏ پڙهائي جا مسئلا به پيش ايندا هئا، تنهن ڪري اڪثر ڪري شاگرد لائبريري جو رخ ڪندا هئا، انهي سان گڏ اتي شاگرد پاڻ ۾ مختلف موضوعن تي بحث به جاري رکندا هئا جيڪو سندن ڄاڻ ۾ اضافو ڪندو آهي.
گرين ورڪس هاسٽل: گرين ورڪس هاسٽل هڪ غير سرڪاري اداري جو هاسٽل هئڻ ڪري اتي شاگردن کي معياري سهولتون ڏنل هيون، جنهن ۾ پڙهائي لاءِ فراهم ڪيل سهولتون ساراهه لائڪ هيون جيئن لائبريري، روزاني اخبارون، مختلف ماڻهن جا ليڪچر وغيره شامل آهن، اتي اسان کي هڪ شئي جيڪا ٻين هاسٽلن کان مختلف نظر آئي سا اها هي هئي ته اتي شاگردن کي روزاني ملڪي حالتن کان واقف رکڻ لاءِ ٽيليوزن سيٽ فراهم ڪيل هئا جتي شاگرد روزاني مختلف سياسي پروگرامز سان گڏ ملڪي ۽ غير ملڪي خبرون به ٻڌندا هئا، جن سان پڻ سندن ڄاڻ ۾ گھڻو اضافو ٿيندو.
گرين ورڪس هاسٽل (2): هڪڙي ئي مالڪ جا هاسٽل هئڻ ڪري گرين ورڪس هاسٽل (2) تي به شاگردن کي اهي ئي ساڳيون سهولتون فراهم ڪيل هيون جيڪي گرين ورڪس هاسٽل(1) تي فراهم ڪيل آهن، پر اسان جڏهن ٻنهي هاسٽلز جي شاگردن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ته انهن جي پڙهائي ۾ تمام گھڻو فرق نظر آيو.
ٽن يونيورسٽين جو شهر هئڻ ڪري ڄامشوري ۾ سموري سنڌ مان هزارين شاگرد پنهنجي خوابن جي ساڀيان لاءِ ايندا آهن، جڏهن ته يونيورسٽي جي هاسٽلن ۾ وڌيڪ شاگردن جي گنجائش نه هئڻ ڪري گھڻا شاگرد ڀاڙي تي گھر وٺي رهائش اختيار ڪندا آهن پر انهي سان گڏ شاگرد خانگي هاسٽلن تي رهائش به پسند ڪندا آهن جتي کين، کاڌي، صفائي، ڪپڙن جي ڌلائي، جنريٽر جي سهولت سميت ٻيون گھربل سهولتون آساني سان فراهم ڪيل آهن، انهي سان گڏ جڏهن خانگي هاسٽلن تي پڙهائي جي ماحول جي ڳالهه ڪبي ته انهن هاسٽلن تي شاگرد اڪثر ڪري لائبريري جو رخ ڪندا آهن پر سي ايس ايس جي تياري ڪندڙ نوجوان پنهنجي پڙهائي لاءِ اهڙن خانگي هاسٽلن کي وڌيڪ ترجيح ڏيندا آهن.          




Comments

Popular posts from this blog

Yousuf Laghari Profile by Nimra

Aqeel Ahmed Soomro

TWO OLD GOVERNMENT SCHOOLS OF HYDERABAD CITY