Investigation Report Ranjhani - Qasimabad


Akran Ranjhani, Muhammad Ali Junejo, Agha Noman, Saleem Lakho, Naseer Channa,
سبجيڪيٽ: نيوز پيپر پراڊڪشن
سر سهيل سانگي صاحب
اسائنمينٽ: انويسٽيگيشن رپورٽنگ
ٽاپڪ: ميونپسل ڪميٽي قاسم آباد جي ڪاروهنوارجي جاچ پڙتال
انويسٽيگيشن رپورٽنگ گروپ: اڪرم رانجهاڻي، محمد علي جوڻيجو، آغا نعمان، سليم اختر لاکو ۽ نصير احمد چنا(ايم. اي. پريوويس. ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو)

ميونسپل ڪاميٽي قاسم آباد ۾ مختلف ٽيڪسن جي مد ۾ سالياني لکين ۽ ڪروڙين روپين جي اوڳاڙي ٿيڻ باوجود حيدرآباد ضلعي جومک تعلقو قاسم آباد انفراسٽرڪچر، خوبصورتي توڙي ترقي واري معاملي ۾ اڃا تائين مڪمل طور سڌري نه سگهيو، صفائي سٿرائي، اشتهارن جي هولڊنگ بورڊ، شاپ بورڊ، پينافليڪس ۽ موبائيل وهيلڪز سميت ٻين ڪيترين ئي ڪمپنين جي بورڊن جي لڳائڻ، ڊولپمينٽ چارجز، راڻي باغ جي چڙيا گهر توڙي پارڪنگ چارجز، پيٽرول پمپ، سي اين جي پمپ، گئس، بجلي، جنريٽر ۽ ٻئي مشينري نصب ڪرڻ سوڌو ٻين مختلف مدن جي ٽيڪسن جي ٿيندڙ اوڳاڙي ۾ مبينا ڪرپشن ٿيڻ لڳي، جڏهن ته ٽيڪسن جي اوڳاڙي واري لکين ۽ ڪروڙين روپين جي رقم جو استعمال سواليا نشان بڻجي ويو، ان حوالي سان روشني ڄامشورو جي انويسٽيگيشن ٽيم جي ڪيل جاچ دوران مليل ڄاڻ مطابق ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد جي ذميوارين هيٺ ايندڙ مختلف ڪمپنين، سياسي، سماجي تنظيمن ۽ ٻين ڌرين جي مشهوري لاءِ اشتهارن جي حوالي سان تعلقي جي اهم چوڪن، رستن ۽ چوراهن تي هولڊنگ بورڊ لڳايا وڃن ٿا، ان کانسواءِ تعلقي اندر موجود وڏن وڏن شاپنگ سينٽرن، دوڪانن، خانگي اسپتالن، ڪاروباري مرڪزن، موبائيل وهيڪلز ۽ ٻين قسمن جي بورڊ لڳائڻ جي مد ۾ ٽيڪس لکين ۽ ڪروڙين روپيا ٽيڪس اوڳاڙيو وڃي ٿو، جڏهن ته صفائي سٿرائي، پارڪنگ، ڊولپمينٽ چارجز ۽ راڻي باغ جي ايراضي ۾ ايندڙ دوڪانن، چڙيا گهر، پارڪنگ ۽ گيٽ انٽري جي مد ۾ پڻ لکين ۽ ڪروڙين جي آمدني ٿيندي رهي ٿي، ان کانسواءِ پڻ ڳرو ٽيڪس اوڳاڙيو وڃي ٿو، ان حوالي سان اهڙي رپورٽنگ دوران 5 مختلف سب ٽاپڪس جوڙيا ويا آهن، جنهن سب ٽاپڪس جي وسيلي انهن سمورين شين کي واضح طور رپورٽ ڪيو ويو آهي، اچو ته جوڙيل اهڙن سب ٽاپڪس تي پڻ نظر وجهون.

سب ٽاپڪ: پهريون
اشتهارن جي مد ۾ ٿيندڙ اوڳاڙي جي جاچ
محمد علي جوڻيجو(ايم. اي پريويس، رول نمبر، ايم ايم سي. 28)

ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد انتظاميا نسيم نگر، واڌو واهه، علمدار چوڪ، سٽيزن ڪالوني، ڄامشورو روڊ، راجپوتانا اسپتال، لنڊن ٽائون، سنڌ ميوزيم، قاسم چوڪ ۽ مين قاسم آباد سميت ٻين علائقن جي اهم چوڪن، رستن ۽ روڊن تي هورڊنگ بورڊ، پينافليڪس پلاسٽڪ ۽ موبائيل وهيڪلز سوڌو ٻين مختلف ڪمپنين جي مشهوري لاءِ اشتهارن جي سلسلي ۾ بورڊ لڳرايا آهن، جنهن جي مد ۾ ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد انتظاميا پڻ بورڊن جي نصب ڪرڻ ۽ ان مد ۾ ٽيڪس جي پڻ اوڳاڙي ڪري ٿي، ان حوالي سان روشني ڄامشورو جي انويسٽيگيشن رپورٽنگ ٽيم کي مليل ڄاڻ مطابق گذريل سال 2016.17ع لاءِ هورڊنگ بورڊ، شاپنگ بورڊ ۽ لائيٽيڊ بورڊ سميت ٻين بورڊن توڙي پينافليڪس لاءِ 70 لک روپين جو ٽينڊر ڪيو ويو هيو، جيڪو ٽينڊر پڻ سياسي اثر رسوخ جي بنياد تي چونڊيل نمائندن پنهنجن من پسند ماڻهن کي ڏياري ڇڏيو، جنهن جو رڪارڊ پڻ هن مهل تائين ڳجهه ڳوهه ۾ رکيو ويو آهي، جيڪو معاملو پڻ ظاهر نه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت پاران 2015ع جي جاري ٿيل نوٽيفيڪيشن نمبر C.M.O\M.C\Q\676\2015 تحت بورڊن توڙي ٻين مد ۾ اشتهارن جي فيس يا ٽيڪس جي اوڳاڙي لاءِ سرڪار منظور ڪيل اگهن تحت سڄي سنڌ جي ميونسپل ڪميٽين کي پڻ پابند ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد انتظاميا کي پڻ اهڙي ريت اوڳاڙي ڪرڻي آهي، سنڌ حڪومت جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تحت سالياني فيس يا ٽِيڪس اوڳاڙيو وڃي ٿو، اهو هن ريت آهي ته هورڊنگ بورڊ ايڊورٽائيزمينٽ جي مد ۾ في اسڪوائر فوٽ جي فيس يا ٽيڪس 70 روپيا، شاپنگ بورڊ في اسڪوائر فوٽ 70 روپيا، ڪنهن ڪمپني وسيلي لائيٽيڊ شاپ بورڊ لڳرائڻ لاءِ في اسڪوائر فوٽ 100 روپيا، دوڪانن تي پينا فليڪس پلاسٽڪ ۽ سائين بورڊ ڊسپلي لڳرائڻ لاءِ في اسڪوائر فوٽ 70 روپيا، زمين يا عمارت تي لائيٽيڊ نيون سائين بورڊ لڳائڻ لاءِ في اسڪوائر فوٽ 100 روپيا، موبائيل وهيڪلز جي مشهوري وارو اسٽال لڳرائڻ لاءِ 3000 روپيا، موبائيل وهيڪلز جي مشهوري لاءِ روزاني 100 روپيا، مائيڪرو فون وسيلي موبائيل وهيڪلز جي مشهوري لاءِ 200 روپيا روزاني، ديوارن توڙي گلاسز جي پينٽنگ جي مد ۾ 50 في اسڪوائر فوٽ ساليانه، دوڪان وارو دروازي لاءِ 30 روپيا في اسڪوائر فوٽ ساليانه، دوڪاندار پاران دوڪان واري ٻرندڙ بورڊ لڳرائڻ لاءِ 500 روپيا ساليانه، دوڪان جو شاپ فُٽ لڳرائڻ لاءِ ساليانه 300 روپيا، سئنيما بورڊ لاءِ هفتيوار 200 روپيا في بورڊ، اشتهارن توڙي اشتهاربازي ڪندڙ جي رجسٽريشن جي فيس 5000 روپيا ساليانه، ڪيبل جي رجسٽريشن ۽ رينوئيل جي فيس يا ٽيڪس ساليانه 4000 روپيا، انٽرنيٽ ڪيبل جي رجسٽريشن ۽ رينوئيل واري سالياني فيس يا ٽيڪس 4000، بجلي جي پولن، ملڪيت، ڪمپني، ڪمپيوٽر سينٽر، اسڪول، ڪاليج، انسٽيٽيوٽ يا ٻين ادارن جي مشهوري يا ڊسپلي لاءِ بورڊ لڳرائڻ جي سالياني فيس يا ٽيڪس في اسڪوائر فوٽ 100 روپيا، ڪپمني يا ٻين ڌرين جي پوسٽر يا پمفليٽ هڻائڻ جي هفتيوار واري في پوسٽر جي فيس يا ٽيڪس 30 روپيا، ڪنهن به ڪمپني يا ڌر پاران عارضي طور 3*4 جي سائيز جو اسٽال لڳرائڻ جي فيس يا ٽيڪس ڏهاڙي 500 روپيا، ڊوائيس مائيڪرو جي  3*4 جي سائيز جو اسٽال لڳرائڻ جي فيس يا ٽيڪس 1000 روپيا ڏهاڙي، ڪمرشل بينر يا اسٽيمر جي هفتي جي 300 روپيا فيس يا ٽيڪس اوڳاڙڻ جو اگهه مقرر ڪيو ويو آهي، ان کانسواءِ خانگي زمين تي ڪنهن به ڪمپني جي مشهوري لاءِ ڊسپلي لڳرائڻ لاءِ ساليانه في اسڪوائر فوٽ 100 جڏهن ته اشتهارن جي ڄاڻايل سمورن بورڊن ۽ پينافليڪس جي ٿيندڙ ٽينڊرن ۾ شرڪت جي فيس پڻ 2000 روپيا اوڳاڙي ويندي، جڏهن ته سنڌ سرڪار جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تحت سمورن بورڊن جي فيس توڙي ٽيڪس جي مقرر ڪيل اگهن جي بنياد تي ميونسپل ڪميٽي انتظاميا کي اوڳاڙي ڪرڻي آهي، جڏهن ته ميونپسل ڪميٽي قاسم آبا د جي آفيس جي هڪ ذميوار عملدار جي نالو نه ٻڌائڻ جي شرط تي ٻڌايو ته انتظاميا کي 20*60, 15*45, 12*30, 10*30, 10*20 جي سائيز جا اڪثر طور بورڊن لڳرائڻ جا مختلف ڪمپنين ۽ بلڊرن کان آرڊرملندا آهن، جن بورڊ ۾ اڪثر طور هورڊنگ بورڊ، شاپنگ بورڊ، لائيٽيڊ شاپ بورڊ، پينافليڪس پلاسٽڪ، موبائيل وهيڪلز ۽ زمين توڙي عمارتن تي لائيٽيڊ نيون سائين بورڊ شامل آهن، جڏهن ته انهن بورڊن مان 1000 کان وڌيڪ هورڊنگ بورڊن، لائيٽيڊ نيون سائين بورڊن، موبائيل وهيڪلز ۽ پينافليڪس پلاسٽڪ بورڊن جو تعداد آهي، ان کانسواءِ قاسم آباد تعلقي اندر مختلف خانگي اسپتالن، شاپنگ سينٽرن، دوڪانن ۽ ڪاروباري مرڪزن سميت بلڊرن جي آفيسن ۽ اليڪٽرانڪ جي دوڪانن تي لڳندڙ شاپ بورڊن ۽ ٻين بورڊن جو تعداد 2300 کان وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي، ان حوالي سان 4 شاپنگ سينٽرن جي اهم ماڻهن، 2 بلڊر آفيسن جي مئنيجرن، 3 اليڪٽرانڪ دوڪانن جي مالڪن ۽ 2 اسٽيٽ ايجنسي جي پڻ اهم ماڻهن ٻڌايو آهي ته ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد جي ايڇ ڊي اي واري آفيس ۾ ويٺل ذميوار ڪامورن ۽ عملدارن اسان کي ڄاڻايل بورڊن جي فيس يا ٽيڪس جي اوڳاڙي واري رقم آفيس تائين پهچائڻ لاءِ باضابطا طور پابندي بڻايو آهي ۽ اها رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ اسان کي پڻ سخت ڪارروائي ڪرڻ جون به ڌمڪيون ڏنيون آهن، جنهن ڪري اسان پابندي سان اها ٽيڪس واري رقم ادا ڪندا آهيون، جڏهن ته مٿي ڄاڻايل سائيزن وارن بورڊن جي حساب سان تعلقي قاسم آباد اندر ميونسپل ڪميٽي انتظاميا جي ذميوارين هيٺ ايندڙ 9 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم جا هورڊنگ بورڊ، پينافليڪس پلاسٽڪ، شاپ بورڊ، لائيٽيڊ بورڊ ۽ موبائيل وهيڪلز جا بورڊ لڳل ٿيل آهن، جڏهن ته سڄو سال پوري تعلقي ۾ قائم ٿيل مختلف بورڊن جي مد ۾ پڻ لکين ۽ ڪروڙين روپين جي ٽيڪس اوڳاڙي ڪئي وڃي ٿي، باخبر ذريعن کان روشني ڄامشورو جي انويسٽيگيشن ٽيم کي مليل ڄاڻ مطابق لکين ۽ ڪروڙين روپين جي رقم ٽيڪس جي مد ۾ اوڳاڙي وڃي ٿي، پر اها رقم ڪيڏانهن وڃي رهي آهي، ان جو ڪو پتو نه ٿو پوي، ان حوالي سان ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد جي اهم ذميوار عملدار نالو نه ٻڌائڻ جي شرط تي ٻڌايو ته ڄاڻايل اشتهارن جي هورڊنگ بورڊ، موبائيل وهيڪلز بورڊ، سائين بورڊ، پينافليڪس ۽ ٻين بورڊن جي لکين ۽ ڪروڙين روپين جي ٽينڊرن توڙي ٽيڪس اوڳاڙي وارو سمورو کاتو موجوده بااثر سياسي نمائندن جي من پسندي ۽ مبينا ڪرپشن جي ورچڙهيل آهي.

سب ٽاپڪ: ٻيون
قاسم آباد جي ريڙهين، ٺيلهن کان پرچي وسيلي ٿيندڙ اوڳاڙي واري معاملي جي جاچ پڙتال
آغا نعمان، ايم اي (پريويس، رول نمبر: ايم ايم سي. 03)

قاسم آباد تعلقي اندر مختلف رستن، چوڪن، بازارن ۽ اهم ڪاروباري هنڌن تي بيٺل ريڙهين، ٺيلهن توڙي فروٽ ۽ ڀاڄين، مرغي، گوشت ۽ مڇي جي سوين ۽ هزارين دوڪانن تان ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد جي مقرر ڪيل ڪجهه ماڻهن وسيلي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد جي فار واري ٿيل صحيح واري ڪاغذ جي بنياد تي روزاني 10 روپين جي پرڇي اوڳاڙي وڃي ٿي، جڏهن ته حيدرآباد جي ڊپٽي ڪمشنر واري نالي سان ان پرچي جي بنياد تي جمع ٿيندڙ 70 کان 80 هزار ۽ ماهوار 22 کان 24 لک روپيا ۽ سالياني 2 ڪروڙ، 88 لک روپين جي رقم ڪنهن به سرڪاري کاتي ۾ داخل نه ٿي ڪئي وڃي ۽ اهڙي رقم بابت ميونپسل ڪميٽي قاسم آباد ۽ ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي ڪجهه اهم ماڻهن وچ ۾ ففٽي ففٽي جي آڌار تي رقم جي ورهاست جو انڪشاف ٿيو آهي، ان حوالي سان هفتيوار روشني ڄامشورو جي انويسٽيگيشن رپورٽنگ ٽيم پاران ڪيل جاچ پڙتال دوران معلوم ٿيو آهي ته قاسم آباد جي اهم چوڪ نسيم نگر، علي پيلس، علمدار چوڪ، سٽيزن ڪالوني، ڀٽائي نگر، سحرش نگر، انور ولاز، شيدي ڳوٺ، ايگريڪلچر ڪمپليڪس، ٽيڪنيڪل ڪاليج، سنڌ ميوزيم، واڌو واهه، پڪوڙا چوڪ، ڄامشورو روڊ، سنڌ پالاري هوٽل وٽ قائم ڪچي آبادي ۽ چانڊيا ڳوٺ سميت ٻين مختلف علائقن ۾ بيٺل ريڙهين، ٺيلهن، گوشت، مرغي ۽ مڇي توڙي ڀاڄين جي دوڪانن تان ميونسپل ٽيڪس جي آڙ ۾ حيدرآباد جي ڊپٽي ڪمشنر جي نالي سان فار ٿيل صحيح واري هڪ پرچي جي بنياد تي روزاني 10 روپين جي ٽيڪس جي اوڳاڙي ٿئي ٿي، جيڪا اوڳاڙي ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد جي ڪجهه ماڻهن وسيلي ڪئي وڃي ٿي، جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد جي نالي سان فار ٿيل صحيح واري ان پرچي تي انگريزي ۾ هڪ نوٽيفيڪيشن پڻ لکيل آهي ته، Notification: In the exercise of power delegated to him by the Government of Pakistan Ministry of Industries vide their Notification No, P&M-15(35)\97 dated 06-112001 the Deputy Commissioner Hyderabad is pleased to fix wholesaler\retail price of essential commodities within the territorial Jurisdiction of Hyderabad under section-6 price control observation of Hoarding and profiteering Act 1977 for.
انويسٽيگيشن رپورٽنگ ٽيم کي مليل ڄاڻ مطابق مٿي ڄاڻايل نوٽيفيڪيشن ته دوڪاندارن کي خبردار ڪري مقرر ڪيل سرڪاري اگهن تي ايٽمن کي وڪرو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، پر اهڙي نوٽيفيڪيشن جي ابتڙ وري اهڙي پرچي کڻي ايندڙ ماڻهو ريڙهين، ٺيلهن، گوشت، مرغي ۽ مڇي وارن دوڪانن کان 10 روپين جي اوڳاڙي ڪري رهيا آهن، ان حوالي سان نسيم نگر، علي پيلس، پڪوڙا چوڪ، ايگريڪلچر ڪمپليڪس ۽ علمدار چوڪ تي بيٺل ريڙهين، ٺيلهن تي فروٽ وڪرو ڪندڙ پورهيت محمد هاشم ڊيشڪ، رام چند، مرغي وڪرو دوڪاندار عرس سومري، بچل هنڱوري، مڇي، ڀاڄين ۽ گوشت جي دوڪاندارن نالا نه ٻڌائڻ جي شرط تي ٻڌايو ته ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد ۽ ڊپٽي ڪمشنر آفيس حيدرآباد جي نالن تي همراهه اچي اسان کي پرچا ڏئي 10 روپيا وٺي هليا ويندا آهن، اهي 2 کان 3 ۽ 4 ساڳيا ئي ماڻهو گذريل 8 يا 9 مهينن کان ائين ايندا آهن ۽ پئسا وٺي هليا ويندا آهن، جڏهن ته ان پرچي ۾ ڪيلن جي في درجن جو اگهه 45  روپيا، گولڊن صوف جي في ڪلو جي قيمت 110 روپيا، موسمي جي في ڪلو جو اگهه 90 روپيا، املوڪ جي في ڪلو جي قيمت 75 روپيا، گريٽ فروٽ في ڪلو 55 روپيا، انگورن جي في ڪلو جو اگهه 150 روپيا لکيل آهي، ان کانسواءِ ڏاڙهون، چيڪو، کجور، سردي، تربوز، انب ۽ ٻين ميون جا نالا توڙي سرڪاري سطح تي پاس ٿيل قيمتون پڻ لکيل آهن، جن اگهن توڙي قيمتن تحت فروٽ جي ريڙهن ۽ ٺيلهن توڙي دوڪاندارن کي وڪري ڪرڻ جون هدايتون به جاري ڪيون ويون آهن، باخبر ذريعن موجب پوري قاسم آباد تعلقي ۾ تقريبن 7 کان 8 هزار ريڙهيون، ٺيلها، فروٽ، ڀاڄين، مرغين، گوشت ۽ مڇي جا دوڪان آهن، جن کان پڻ اهڙي اوڳاڙي معمول بڻيل آهي، قاسم آباد جي ڄاڻايل ريڙهين، ٺيلهن، فروٽ، ڀاڄين، مڇي، گوشت ۽ مرغي جي دوڪاندارن جي چوڻ مطابق 1 يا 2 مهينا اڳ ڪجهه ريڙهين ۽ ٺيلهن جي ڪجهه پورهيتن تعلقي انتظاميا کي پڻ دانهن ڏني هئي، پر پورهيتن جي اهڙي دانهن ۽ فرياد جو ڪوبه داد نه ٿي سگهيو، الٽو دانهن ڏيندڙ انهن مزدورن کي خاموش ٿي ويهڻ جون ڌمڪيون پڻ مليون، جنهن بعد هو خاموش ٿي اڳتي آواز اٿارڻ جي سگهه به ساري نه سگهيا، ان حوالي سان ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد جي وائيس چيئرمين اقبال سومري سان رابطو ڪري ان سڄي ساري معاملي بابت آگاهي ڏني وئي ته ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد جي چونڊجي آيل وائيس چيئرمين اقبال سومري ريڙهين، ٺيلهن، فروٽ، ڀاڄين، مرغي، گوشت ۽ مڇي جي دوڪاندارن کان ٿيندڙ 10 روپين واري اهڙي اوڳاڙي کان بنهه لاتعلقي ظاهر ڪندي اهو چيو ته اهو اسان لاءِ وڏو معجزو آهي ته قاسم آباد جا ماڻهو اسان کي پنهنجي خوشي سان ڪو ٽيڪس ڏين، ڇاڪاڻ ته موجوده دور تمام گهڻي اثر وارو سياسي دور آهي، جنهن ۾ هڪ ريڙهي، هڪ ٺيلهي ۽ هڪ دوڪاندار جو به تعلق ڪنهن نه ڪنهن سياسي ڌر سان نڪري اچي ٿو، نتيجي ۾ اسان کي ٽيڪس جا ڏوڪڙ ملڻ بدران الٽو ٻڌڻو ٿو پوي، ان لاءِ اسان کي ڪوبه پتو ناهي ته ريڙهين، ٺيلهن ۽ ڄاڻايل دوڪاندارن کان ڪو ٽيڪس اوڳاڙي ٿي رهي آهي، هن چيو ته اڃا به صحافي دوست اسان جي مدد ڪري اهو لکن ته ميونپسل ڪميٽي قاسم آباد کي پڻ ٽيڪس ڏنو وڃي ته جيئن هتان جي معاملا کي بهتر طريقي سان هلائي سگهجي، ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد جي وائيس چانسلر اقبال سومري جي اهڙي بيان بازي کانپوءِ اهو ظاهر ٿئي ٿو ته هڪ ذميوار وائيس چيئرمين کي اهو پتو ناهي ته ڊپٽي ڪمشنر جي نالي تي ڪو روزاني 10 روپيا اوڳاڙيا وڃن ٿا، هوڏانهن حيدرآباد جي موجوده ڊپٽي ڪمشنر محمد سليم جٽ سان سندس موبائيل نمبر 0300.3249200 تي موقف وٺڻ ۽ ملاقات لاءِ بار بار رابطو ڪيو ويو ته پر موصوف ڊي سي حيدرآباد هڪ به ڪال اٽينڊ نه ڪئي، جڏهن ته ان سڄي ساري جاچ پڙتال مان اهو ظاهر ٿيو ته روزاني غيرقانوني طريقي سان ٿيندڙ 70 کان 80 هزار روپين واري ٽيڪس اوڳاڙي جو ڪوبه سرڪاري کاتو وجود ۾ ناهي، ان سلسلي ۾ قاسم آباد جي ريڙهين، ٺيلهن، ڀاڄين، گوشت، مرڇي ۽ مرغي جي دوڪاندارن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته قاسم آباد تعلقي اندر ٿيندڙ روزاني 10 روپين واري غيرقانوني خلاف ڪارروائي ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

سب ٽاپڪ: ٽيون
قاسم آباد ۾ ترقياتي ڪاروهنوار بابت جاچ پڙتال
اڪرم علي رانجهاڻي (ايم. اي. پريويس. رول نمبر: ايم ايم سي، 09)

قاسم آباد تعلقي اندر ترقياتي ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويا آهن، لکين ۽ ڪروڙين روپين جي ترقياتي اسڪيمن جا ٺيڪا من پسند ۽ بااثر سياسي ڌرين کي ملي رهيا آهن، جڏهن ته لکين روپين جون ڪال ڊپازٽون جمع ڪرائڻ باوجود پروفيشنل ٺيڪيدارن کي ڪي به ڪم نه ملي سگهيا ۽ سندن ٺيڪيداري نظام سخت پريشاني جي ورچڙهي ويو آهي، ان حوالي سان روشني ڄامشورو جي انويسٽيگيشن ٽيم جي ڪيل جاچ پڙتال دوران حيدرآباد جي ٺيڪيدارن نالا نه ٻڌائڻ جي شرط تي ٻڌايو ته گذريل سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر مهينن دوران قاسم آباد جي گهٽين، رستن ۽ مختلف پاڙن جا ترقياتي ڪم آيل آهن، جن جي ٽينڊر کولڻ واري مرحلي دوران هنن شرڪت ڪئي، جنهن دوران من پسند ۽ سياسي اثر رکندڙ ٺيڪيدارن کي ڪم ڏنا ويا آهن، پر کين نظرانداز ڪيو ويو، جنهن بعد فاروق ڊومڪي نالي ٺيڪيدار پريس ڪلب حيدرآباد ۾ ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد انتظاميا خلاف پڻ پريس ڪلب ڪندي صحافين کي پڻ دانهن ڏني، جنهن باوجود قاسم آباد جي بااثر سياسي ڌرين جي اثر رسوخ سبب اعليٰ اختيارين به ڪا ڪارروائي نه ڪئي ۽ نه ئي وري اهڙن ڪمن ڪارين کي شفاف طريقي سان ڪرايو ويو، ان حوالي سان مليل ڄاڻ مطابق قاسم آباد جي سحرش نگر، انور ولاز، ميمڻ محلا ۽ ٻين علائقن ۾ اڪثر طور گهٽين ۽ رستن تي حالت بهتر نه آهي، جنهن ڪري اتي گذريل 4 کان 5 سال اڳ  ٿيل ترقياتي ڪمن کانپوءِ به اهي ترقياتي پڻ اکڙي ويا آهن، جنهن ڪري علائقي واسين کي پڻ سخت پريشانين سان منهن ڏيڻو پوي ٿو، جڏهن ته 27 وارڊن تي ٻڌل ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد راڻي باغ جي پارڪنگ، انٽري گيٽ، چڙيا گهر، ايڊورٽائيزمينٽ، ڊينجر ٽريڊ لائسنس فيس، ڪنوسروينسي اينڊ سينيٽيشن ٽيڪس، ڪمرشل بزنس، هاڪر لائسنس فيس، پارڪنگ چارجز، خوراڪ واري لائسنس، ڪوس گهر، انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ، ڊولپمينٽ چارجز ۽ لينڊ مئنجمينٽ سميت ٻين مدن جي وصول ٿيندڙ ٽيڪسن جي ڪروڙين روپين جي رقم باوجود تعلقي جي ڪيترن ئي وارڊن جو ترقياتي نيٽ ورڪ ڏينهون ڏينهن ڪمزور بڻجندو پيو وڃي، ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد جي ذميوار عملدار خالد ڀائي دعوا ڪندي ٻڌايو ته قاسم آباد اندر ترقياتي ڪم وڏي زور شور سان هلي رهيا آهن ۽ هاڻوڪي ٿيندڙ اين آءِ ٽي ۾ آيل ترقياتي اسڪيمن جا ڪم پڻ ڪم ڪندڙ ٺيڪيدارن کي ڏنا ويا آهن، هوڏانهن ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد جي چيئرمين جي آفيس جي اهم ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت جي ورڪس اينڊ سروس، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ، ايريگيشن ڊپارٽمينٽ، ايجوڪيشن ورڪس ۽ ٻين کاتن جيان ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد کي سنڌ حڪومت کان ترقياتي اسڪيمن لاءِ سڌي سنئين ڪابه بجيٽ جاري نه ٿي ٿئي، جنهن ڪري تعلقي جي 27 وارڊن اندر ترقياتي ڪم ڪاريون ڪرائڻ ۾ سخت ڏکيائين سان منهن ڏيڻو پئجي وڃي ٿو، ان کانسواءِ تعلقي اندر جيڪي به ترقياتي ڪم ٿيندا آهن، اهي ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد جي مختلف ذريعن مان گڏ ٿيندڙ رقم مان ڪجهه مخصوص حصو رکي يا وري تڪ جي چونڊيل نمائندن يا سنڌ حڪومت جي ڏنل فنڊن مان ترقياتي ڪم ڪرايا ويندا آهن، چيئرمين آفيس جي ذريعن جو وڌيڪ چوڻ هيو ته ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد لوڪل گورنمينٽ جي اختيارين هيٺ اچي ٿو، جنهن ڪري سنڌ سرڪار پاران به لوڪل گورنمينٽ حيدرآباد جي ڊائريڪٽر کي به سال 2017.18ع جي بجيٽ ۾ ٽوٽل هڪ ڪروڙ، 78 لک ۽ 80 هزار روپيا ڏنا آهن، جيڪا رقم آفيسن جي پڻ مختلف مدن ۾ خرچ ڪئي ويندي، ٻئي پاسي باخبر ذريعن روشني ڄامشورو جي انويسٽيگيشن ٽيم کي ٻڌايو ته ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد تعلقي اندر ايندڙ ڪچي آبادي وارين علائقن کان ڊولپمينٽ جارچز جي مد ۾ هڪ کان 80 اسڪوائر يارڊ جي حساب سان في اسڪوائر يارڊ 75 روپيا، 81 کان 120 اسڪوائر يارڊ جي ماپ تي في اسڪوائر يارڊ 90 روپيا، 121 کان 240 اسڪوائر يارڊ جي حساب سان في اسڪوائر يارڊ تي 120 روپيا ۽ 241 کان وڌيڪ اسڪوائر يارڊ جي ماپ تي في اسڪوائر يارڊ 250 روپيا ڊولپمينٽ چارجز ٽيڪس اوڳاڙي ٿي، جڏهن ته ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد جي انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ (انگلش\ نون ٺيڪيدارن جي رجسٽريشن) لاءِ اي ڪلاس جي ٺيڪيدار جي رجسٽريشن جي فيس ساليانو 12000، بي ڪلاس جي ٺيڪيدار جي رجسٽريشن جي فيس 8000 روپيا ساليانو ۽ سي ڪلاس جي ٺيڪيدار جي رجسٽريشن فيس ساليانو 6000 روپيا وصول ڪري ٿو، ان کانسواءِ هر سال نئين سر داخلا پڻ اي ڪلاس، بي ڪلاس ۽ سي ڪلاس جي ٺيڪيدارن جي ڏسيل فيس مطابق ساڳين ئي ٺيڪيدارن جي لائسنس کي رينوئيل ڪيو ويندو آهي، ان حوالي سان ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد جي هڪ اهم عملدار نالو نه ٻڌائڻ جي شرط تي ٻڌايو ته هتي اسان وٽ تقريبن 40 ٺيڪيدار رجسٽرڊ آهن، جيڪي پڻ هر سال پنهنجين ٺيڪيداري ڪمپنين جي رجسٽريشن جي فيس ڀريندا آهن، جنهن مان صاف ظاهر ٿيو ته انهن ئي ٺيڪيدارن جي ٺيڪيداري ڪمپنين جي رينوئيل سان ڪجهه لک روپيا پڻ انتظاميا جي اڪائونٽ ۾ گڏ ٿين ٿا، جڏهن ته ميونسپل ڪميٽي جي اهم عملدار مطابق عام ماڻهن لاءِ ڪچي روڊ جي ڪٽنگ چارجز في اسڪوائر فوٽ 40 روپيا، ڪمرشل ايريا جي حساب سان ڪچي روڊ جي ڪٽنگ چارجز 80 في اسڪوائر فوٽ، ان کانسواءِ ڪمرشل، گورنمينٽ، سيمي گورنمينٽ ۽ ٻين کاتن لاءِ ايسفالٽ ۽ آر سي سي روڊ جي ڪٽنگ چارجز 300 روپيا في اسڪوائر فوٽ ورتي وڃي ٿي، جيڪا رقم پڻ ڪن ڪمن دوران ميونسپل ڪميٽي جي انتظاميا کي ملي ٿي، جن جو حساب يا تعداد پڻ اهڙن ڪمن ڪارين دوران پڻ لکن ۾ وڃي بيهي ٿو، اهڙي طرح ڊولپمينٽ سيڪٽر ۾ به ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد کي مختلف چارجز ۽ ٽيڪس جي مدن ۾ بهتر معاشي فائدو حاصل ٿئي ٿو، ان حوالي سان ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد جي وائيس چيئرمين اقبال سومري، ميونسپل ڪميٽي جي اهم عملدار خليل ڀائي، عمران علي ۽ ٻين ٻڌايو ته سنڌ حڪومت ميونسپل قاسم آباد کي ڊولپمينٽ سيڪٽر لاءِ سڌي ريت ڪابه بجيٽ نه ٿي موڪلي ۽ تعلقي اندر ٿيندڙ ترقياتي ڪم ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد جي سنڌ سرڪار جي پول ۾ موڪليل ڪروڙين روپين جي رقم جي آڌار تي ڪرايا ويندا آهن، هنن دعوا ڪئي ته قاسم آباد تعلقي اندر وڏي زور شور سان ترقياتي ڪم هلي رهيا آهن ۽ ڪنهن نه ڪنهن گهٽي ۽ رستي کي وقتن بوقتن تعمير ڪيو وڃي ٿو.

سب ٽاپڪ: چوٿون
قاسم آباد تعلقي اندر صفائي سٿرائي واري معاملي جي جاچ
سليم اختر لاکو (ايم. اي. پريويس رول نمبر: ايم  ايم سي، 46)

قاسم آباد تعلقي اندر صفائي، سٿرائي ۽ سينيٽيشن جي مد ۾  تقريبن 6 هزار کان وڌيڪ دوڪانن، شاپنگ سينٽرن، ڪاروباري مرڪزن، خانگي اسپتالن، اي ڪلاس، بي ڪلاس، سي ڪلاس، ڊي ڪلاس جي تعمير ٿيندڙ گهرن، فليٽن، وڏين پلازائن، فيڪٽرين، اٽي جي چڪين، اسڪولن، ڪاليجن، پولٽري فارمن، پيٽرول پمپن، آٽو ورڪشاپن، بيڪري، پلانٽ، کير جي دوڪانن، ليبارٽرين، اي، بي، سي ڪلاس جي هوٽلن ۽ ٻين ڪمرشل دوڪانن کان سالياني 12 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم جي اوڳاڙي ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ان حوالي سان روشني ڄامشورو جي انويسٽيگيشن رپورٽنگ ٽيم کي مليل ڄاڻ مطابق ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد جي اختيارين هيٺ ايندڙ نسيم نگر، مين قاسم آباد، قاسم آباد فيز ون، ٽو، پرنس ٽائون، المصطفيٰ ٽائون، عبدالله ٽائون، سحرش نگر، لنڊن ٽائون، بونڊ اسٽريٽ، راڻي باغ، سنڌ ميوزيم، سٽيزن ڪالوني، گلشن لطيف هائوسنگ اسڪيم، انور ولاز، فراز ولاز، وقار ٽائون، ماروي ٽائون، عبدالله ويلي، گلستان سجاد، گلشن سحر، سنڌي مسلم سوسائٽي، وحدت ڪالوني، علمدار چوڪ، مومن نگر، ڪچي آبادي، الشهباز ڪالوني، مير فتح ڪالوني ۽ ٻين علائقن ۾ صفائي سٿرائي توڙي سينيٽيشن وارو نظام تباهي ڪناري پهتل آهي، جڏهن ته ڄاڻايل علائقن جي هر گهٽي توڙي رستن تي صفائي سٿرائي جو نه ٿي رهي آهي، اڪثر طور قاسم آباد جي شهرن وارن علائقن جي ۾ به صفائي سٿرائي جو نظام بهتر نموني نه هلي رهيو آهي، ان کانسواءِ قاسم آباد ۾ ڊرينيج وارو نظام به ناقص بڻيل آهي، جنهن ڪري واڌو واهه، نسيم نگر، پڪوڙا چوڪ، المصطفيٰ ٽائون، پرنس ٽائون ۽ ٻين علائقن جو گندو نيڪال وارو پاڻي جو بهتر نموني ڇوڙ نه ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري اڪثر طور ڪيترن ئي علائقن ۾ هونئن عام ڏينهن توڙي برسات وارن ڏهاڙن دوران به گٽر نالا ڦاٽڻ ڪري گندو پاڻي قاسم آباد جي اهم علائقن جي روڊن، رستن ۽ گهٽين ۾ بيهجي ويندو آهي، نتيجي ۾ شهرين کي سخت تڪليفن سان منهن ڏيڻو پئجي ويندوآهي، ان حوالي سان نسيم نگر، عبدالله ٽائون، پڪوڙا چوڪ، پرنس ٽائون ۽ سحرش نگر جي رهواسين خير محمد جوڻيجي، مير رضوان ٽالپر، چاچا پنهون چانڊيي، امجد علي ميمڻ، ذيشان پاٽولي ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان جي علائقن ۾ صفائي، سٿرائي ۽ ڊرينيج وارو نظام بلڪل تباهه لڳو پيو آهي، علائقي جي هر ٻئي گهٽي ۾ گندگي جا ڍير لڳا پيا آهن ۽ گندو پاڻي پڻ گهٽين ۽ رستن تي بيٺل رهي ٿو، هنن ٻڌايو ته هر 4 يا 6 مهيني ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد وارن جي ڪچري کڻڻ واري گاڏي ايندي آهي، جيڪا گاڏي هڪ ڀيرو اڌ ڪچرو کڻي هلي ويندي آهي، پوءِ وري ان گاڏي توڙي ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد جي صفائي ڪرڻ واري عملي کي وري پنهجين اکين سان ڪڏهن به نه ڏسندا آهيون، جڏهن ته ڪيترائي مهينا ۽ سال گذري ويا آهن، پر اڄ تائين اسان پنهنجين اکين سان ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد جي ڪنهن ذميوار ڪاموري يا عملدار کي پنهنجن علائقن ۾ ايندي ناهي ڏٺو، جيڪي اسان جي علائقن ۾ اچي صفائي، سٿرائي ۽ ڊرينيج يا سينيٽيشن جي معاملن تي اسان بيهي ڳالهيون ڪن ته توهان جي علائقي ۾ صفائي سٿرائي ڪيئن ٿي رهي آهي، ان حوالي سان انويسيٽيگيشن رپورٽنگ دوران نسيم نگر، سٽيزن ڪالوني، پڪوڙا چوڪ ۽ ڄامشورو روڊ تي قائم خانگي اسپتالن، شاپنگ سينٽرن، دوڪانن ۽ ليبارٽرين جي ذميوار ماڻهن علي بخش ملاح، مظفر ڪلهوڙو، ربنواز چانڊيو، علي اصغر ڊيشڪ، ظهور بخش ڀلائي ۽ ٻين ٻڌايو ته ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد انتظاميا جي حال تي اسان کي رحم اچي رهيو آهي، تعلقي اندر ڪابه صفائي سٿرائي نه ٿي رهي آهي، ميونسپل ڪميٽي جا عملدار رڳو ٽيڪس اوڳاڙڻ ۾ پورا آهن، باقي عوام سان ڪابه ڀلائي نه ٿي ڪئي وڃي، ان سلسلي ۾ سٽيزن ڪالوني ۾ قائم هڪ خانگي اسپتال جي ذميوار ڌرين نالا نه کڻڻ جي شرط تي ٻڌايو ته ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد جي انتظاميا صحت و صفائي جي مد ۾ اسان کي 6000 روپين جي رسيد موڪليندا آهن، جنهن لاءِ اسان کي چيو ويندو آهي ته اها موڪليل رسيد واري رقم هر حال ۾ جمع ڪرائڻي آهي، هنن ٻڌايو ته گذريل سال 2015.16ع جي رسيد جي سيريل نمبر 075 ۽ بڪ نمبر 011 تحت 6 هزار روپين جي اهڙي رسيد موڪلي وئي، جيڪا اسان جمع ڪرائڻ لاءِ وياسين ته اتي اسان کان 500 روپيا وڌيڪ به اوڳاڙيا ويا، جڏهن ته سال 2017.18ع جي فيس لاءِ هاڻي 2 ماڻهو آيا هئا، جن اسان کي اچي هڪ ڪچي رسيد ڏئي 7500 روپيا طلب ڪيا، جنهن تي اها رقم في الحال اسان انهن کي ڪونه ڏني ۽ کين اهو چئي موٽائي ڇڏيو ته اسان کي پڪي رسيد ڏيو ته پوءِ رقم ادا ڪري سگهون ٿا، جڏهن ته ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد انتظاميا پاران صحت ۽ صفائي جي مد ۾ هزارين روپيا رقم وصول ڪرڻ لاءِ جاري ڪيل رسيد جي پٺئين پاسي هدايتن واري خاني ۾ اهو ٻڌايو ويو ته اهڙي رقم سنڌ بينڪ جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي وڃي، پر مليل ڄاڻ مطابق رقم واري رسيد جمع ڪرائڻ لاءِ ويندڙ هر ماڻهو کي ڪنهن نه ڪنهن بهاني سڀ کان پهرين ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد جي آفيس ۾ گهرايو ويندو ۽ اتان پوءِ اهو شخص يا دوڪاندار، ڪاروباري ماڻهو ۽ فليٽن توڙي گهرن جو مالڪ بينڪ ڏانهن ويندو آهي، هوڏانهن سنڌ حڪومت جي جاري ڪيل نوٽيفيڪيشن نمبر C.M.O\M.C\Q\676
2015 تحت ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد انتظاميا صفائي ۽ نگراني جي مد ۾ اي ڪلاس جي تعمير ٿيندڙ 1000 اسڪوائر يارڊ يا ان کان وڌيڪ جي ماپ رکندڙ گهرن کان سالياني 700 روپيا، بي ڪلاس ۾ ايندڙ 600 کان 999 اسڪوائر يارڊ جي گهرن کان 600 روپيا، سي ڪلاس ۾ ايندڙ 300 کان 599 اسڪوائر يارڊ جي گهرن کان 300 ۽ ڊي ڪلاس ۾ ايندڙ 150 کان 299 اسڪوائر يارڊ جي گهرن کان 200 روپين جي اوڳاڙي جي هدايت ڪيل آهي، جڏهن ته شادي هال، لان، گارڊن ۽ اسپتالن کان سالياني 6000 روپيا، فيڪٽري، اٽي جي چڪين، فلور مل، شوروم، بينڪ، اسڪول، ڪاليج، انسٽيٽيوٽ ۽ پولٽري فارم کان 2000 روپيا سالياني، پيٽرول پمپ، فلنگ سروس اسٽيشن کان 3000 روپيا، آٽو ورڪشاپ کان 2000 روپيا، بيڪري، پلانٽ، ملڪ ڊيري کان 600، ٽائمبر شاپ، ڪلينڪ، ليبارٽري کان 1200 روپيا، مٺائي جي دوڪانن کان 600، اي ڪلاس هوٽل کان 3000 روپيا، بي ڪلاس هوٽل کان 1600 روپيا، سي ڪلاس هوٽل کان 1000 روپيا ۽ ڪاروباري دوڪانن توڙِي ڪيبنن کان سالياني 600 روپيا ٽيڪس وصول ڪرڻ جو چيو ويو آهي، جڏهن ته ڪجهه اطلاع اهي به آهن ته اهڙن ٽيڪسن جي اوڳاڙي دوران ڪجهه مختلف ٽيڪينڪل معاملن ۾ وڌيڪ رقم به ورتي وڃي ٿي، جنهن معاملي جي تصديق لاءِ ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد، ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد جي چيئرمين، سي ايم او ۽ ٻين اختيارين کان رابطو ڪيو ويو، پر ڄاڻايل ذميوارين مان ڪنهن به ماڻهو جو ملڻ نه ٿي سگهيو، ان حوالي سان هتان جي شهرين، ڪاروباري ماڻهن ۽ سڄاڻ ڌرين پڻ اعليٰ اختيارين کان قاسم آباد ۾ موجود صفائي، سٿرائي، ڊرينيج ۽ انتظامي نگراني واري معاملي کي جلد کان جلد حل ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو آهي.

سب ٽاپڪ: پنجون
راڻي باغ جي چڙيا گهر ۽ پارڪنگ سميت ٻين معاملن جي حوالي سان جاچ پڙتال
نصير احمد چنا (ايم. اي. پريويس. رول نمبر: ايم ايم سي، 33)

ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد جي اختيارين هيٺ ايندڙ تقريبن 42 ايڪڙن کان وڌيڪ زمين جي ايراضي رکندڙ راڻي باغ جي جي.او.آر ڪالوني ۽ پونم پيٽرول پمپ جي ٻنهي گيٽن جي پارڪنگ جي روزاني اوڳاڙي 90 هزار کان وڌيڪ ٿئي ٿي، جڏهن ته راڻي اندر مک دروازن جي داخلا واري ٽيڪس جي مد ۾ روزاني 80 هزار کان وڌيڪ رقم وصول ڪئي وڃي ٿي، ان کانسواءِ چڙيا گهر اندر سير و تفريح لاءِ ايندڙ روزاني 3 هزارن کان 4 هزارن تائين ايندڙ ويندڙ ماڻهن جي حساب سان 60 کان 80 هزار روپين تائين اوڳاڙي ٿيندي رهي ٿي، راڻي باغ اندر قائم دوڪانن، فن لينڊ ۽ ٻين جهولن توڙي ٿيٽر جي آمدني پڻ سالياني لکين روپين ۾ ٿئي ٿي، اهڙي طرح ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد جي ذميوارين هيٺ ايندڙ راڻي باغ جي پارڪنگ، مک گيٽن جي داخلا، چڙيا گهر، فن لينڊ ۽ ٻين آمدني جي ذريعن منجهان هڪ اندازي مطابق انتظاميا کي سالياني 8 کان 10 ڪروڙ روپين جي آمدني ٿي رهي آهي، ايڏي انگ ۾ وصول ٿيندڙ رقم باوجود راڻي باغ جي چڙيا گهر، پارڪنگ، مک داخلا جي دروازن، فن لينڊ، ٿيٽر، جهولن، کاڌ خوراڪ جي دوڪانن ۽ سير و تفريح لاءِ موجود باغ جي حالت انتهائي خراب ٿي چڪي آهي، ان حوالي سان روشني ڄامشورو جي انويسٽيگيشن رپورٽنگ ٽيم کي راڻي باغ جي معاملن جي جاچ پڙتال دوران مليل ڄاڻ مطابق راڻي باغ جي پارڪنگ واري حصي جي حالت بهتر نه آهي، جڏهن ته ايگريڪلچر ڪمپليڪس کان شهباز بلڊنگس ويندڙ روڊ واري پاسي ۽ پونم پيٽرول پمپ واري روڊ جي طرف راڻي باغ جي ٻنهي مک پاسن کان قائم پارڪنگ جي ڪيمپ تي ڪي به سهولتون نظر نه ٿيون اچن ۽ نه ئي وري شهرين جي موٽرسائيڪلن، ڪارڪن، سوزوڪين ۽ ٻين گاڏين لاءِ ڪي شيڊ ئي قائم ڪيا ويا آهن، جن شيڊن هيٺان شهري محفوظ طريقي سان اچي پنهنجيون گاڏيون بيهاري سگهن، ان کانسواءِ راڻي باغ جي ٻنهي مک دروازن جي ماڻهن جي داخلا دوران ڪي به سيڪيورٽي جا بندوبست نه ڪيا ويا آهن ۽ نه ئي وري عورتن ۽ مردن جي باضابطا طور تي الڳ الڳ داخلا لاءِ ڪي اپاءُ ئي ورتا ويا آهن، جڏهن ته اهڙي جديد دور ۾ راڻي باغ جي مک داخلا واري دروازن تي سيڪيورٽي لاءِ جديد قسمن جون ڪئميرائون نصب ڪيون وڃن ها، پر ان هوندي ايڏي ساري آمدني ڏيندڙ راڻي باغ جي مک گيٽن تي ڪي به سيڪيورٽي ڪئميرائون لڳل ناهن، انويسٽيگيشن رپورٽنگ دوران مليل ڄاڻ مطابق گذريل سال 2008ع دوران ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ جي ضلعي ناظمي واري دور ۾ حيدرآباد جي اڳوڻي ضلعي ناظم ڪنور نويد پاران راڻي باغ، عباس ڀائي پارڪ، چڙيا گهر، عيد گاهه جي نئين سر تعميرات ۽ چڙيا گهر لاءِ آفريقا ۽ ٻين ملڪن کان 15 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان جانور گهريا ويا آهن، جنهن معاملي جي تصديق لاءِ حيدرآباد جي اڳوڻي ضلعي ناظم ڪنور نويد جي هٿن سان چڙيا گهر ٻاهران اهڙي لاڳت واري رقم جي حوالي سان پڻ تختي قائم ڪئي وئي آهي، جڏهن ته گذريل سال 2008ع کان موجوده سال 2017ع جي وچ واري عرصي گذرڻ تائين اڄوڪي چڙيا گهر جي حالت خراب نظر اچي رهي آهي، اهو ئي سبب آهي جو اڄ چڙيا گهر جي پڃرن توڙي ان زمين واري ايراضي اندر موجود رکيل جانورن، پکين ۽ مانگر مڇ جي به حالت خراب ٿي چڪي آهي، باخبر ذريعن مطابق 10 سال اڳ خرچ ڪيل 15 ڪروڙ روپيا ۽ ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد جي هاڻوڪي ڪروڙين روپين جي بجيٽ هئڻ باوجود راڻي باغ توڙي چڙيا گهر جي حالت سڌري نه سگهي آهي، خبر ناهي اها رقم ڪيڏانهن وڃي رهي آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تحت ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد جي انتظاميا وڏي پيماني تي راڻي باغ جي سمورن وسيلن مان لکين ۽ ڪروڙين روپيا ٽيڪس پڻ اوڳاڙي رهي آهي، جڏهن ته اهڙي ڳالهه جو اعتراف ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد جي موجوده وائيس چيئرمين اقبال سومري پڻ روشني ڄامشورو جي انويسٽيگيشن رپورٽنگ ٽيم کي ڏنل انٽرويو دوران ڪيو آهي ته ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد جي هڙني آمدني جي وسيلن کان وڌيڪ راڻي باغ جي آمدني وارا وسيلا جهجهي رقم ڏئي رهيا آهن، هن جو چوڻ هيو ته راڻي جي مک دروازي وارو ٺيڪو هڪ ڪروڙ، 42 لک رپين ۾ ٽينڊر ڪري ڏنو ويندو آهي، ان کانسواءِ پارڪنگ جو ٺيڪو هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ جو ڏنو ويندو آهي، جنهن جو به ٽينڊر ٿيندو آهي، اهڙي طرح چڙيا گهر جي سير و تفريح لاءِ گيٽن جي داخلا ۽ فن لينڊ جا ٺيڪا پڻ 1 کان 2 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ رقم ۾ ٽينڊر ڪري پڻ ڏنا ويندا آهن، وائيس چيئرمين اقبال سومري اعتراف ڪندي چيو ته ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد کي راڻي باغ جي ملندڙ آمدني تمام گهڻو سهارو ڏيو بيٺي آهي، ڇاڪاڻ ته ٻين مدن ۾ ايتري رقم جي اوڳاڙي نه ٿئي ٿي، پر راڻي باغ جي رقم ميونسپل انتظاميا کي ٻڌي ئي ٻڌي ملي ٿي، باخبر ذريعن جي مليل ڄاڻ مطابق راڻي باغ جي پارڪنگ، مک دروازن جي داخلا، چڙيا گهر جي ڪمن ڪارين جو ٽينڊر گذريل سال 2015.16ع ۾ ته ڪيو ويو، پر 2016.17ع ۾ نه ڪيو ويو آهي ۽ راڻي باغ جا اهي ڄاڻايل ٺيڪا وڏي سياسي اثر رسوخ جي بنياد تي من پسندن ماڻهن حوالي ڪيا ويا، جن مان پڻ ڪروڙين روپين جي آمدني وصول ڪري ان سرڪاري رقم کي پڻ سياسي بااثر ڌرين جي مبينا ڪرپشن جي ورچاڙهيو ويو آهي ۽ اهڙن ٺيڪن جو رڪارڊ پڻ ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد انتظاميا ڏيڻ کان ٺپ جواب پڻ ڏئي ڇڏيو آهي، ان حوالي سان ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد جي هڪ اهم عملدار نالو نه ٻڌائڻ جي شرط تي ٻڌايو ته ڪروڙين روپين جي آمدني ڏيندڙ راڻي باغ جي حالت کي بهتر بڻائڻ لاءِ چونڊيل نمائندا توڙي انتظاميا سنجيده ناهي، جنهن سبب اهڙي تاريخي باغ جي حالت ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي، جڏهن ته راڻي باغ جي ڪمن جي ٽينڊرن جي حوالي سان ڪجهه ٺيڪيدارن پڻ نالا نه ٻڌائڻ جي شرط تي ٻڌايو ته قاسم آباد تڪ جا چونڊيل نمائندا ۽ بااثر سياسي ڌريون راڻي باغ کي عوامي سير و تفريح وارو ماڳ نه پر مالِ غنيمت سمجهي ٻنهي هٿن سان لٽي رهيا آهن، جنهن ڪري هي تاريخي راڻي باغ هن وقت ترقي ڪرڻ بدران وڏي تيزي سان تباهي طرف وڌي رهيو آهي.
 












 










Comments

Popular posts from this blog

Yousuf Laghari Profile by Nimra

Aqeel Ahmed Soomro

TWO OLD GOVERNMENT SCHOOLS OF HYDERABAD CITY