قاسم آباد جا پرائيوٽ سينٽرز ۾ سرڪاري استاد ۽ ڳاٽي ٽوڙ فيسون



انويسٽيگشن رپورٽ
ٽاپڪ
قاسم آباد جا پرائيوٽ سينٽرز ۾ سرڪاري استاد ۽ ڳاٽي ٽوڙ فيسون

سب ٽاپڪس ۽ گروپ ممبرن جا نالا
قاسم آباد ۾خانگي سينٽرز ۽ سرڪاري استاد   ( عبدالسبحان جمالي)
صحافين پاران ڪيل ڇند ڇاڻ ۽ انهن جا انٽرويوز    ( نبيل ابڙو)
ٻهراڙي جي شاگردن پاران سينٽرز جي تعليم کي ترجيح جا ڪارڻ   ( ياسر سوڍر)
داخلا ٽيسٽ جي تياري ۽ پاس ٿيندڙ شاگردن جو تعداد    (شير زمان کوسو)
خانگي اڪيڊميز جي تعليم  (آنند ڪمار)





1.قاسم آباد ۾ خانگي سينٽرز ۽ سرڪاري استاد ـ
                                      عبدالسبحان جمالي

            قاسم آباد حيدرآباد جو دل يعني ڪاروباري مرڪز پڻ سڏيو وڃي ٿو،هي هڪ سنڌي آبادي جو وڏو علائقو به آهي ۽ ان سان گڏوگڏ تعليمي ادارن سان به سورشار آهي ان جي ڪري قاسم آباد ۾ سنڌي توڙي غير سنڌي شاگردن جو تعداد به گهڻو ڏسڻ ۾ اچي ٿو.قاسم آباد جتي هر ڪاروبار عروج تي هجي ٿو مثلن فاسٽ فوڊ،پرائويٽ اسڪولن کان وٺي هتي پرائويٽ ٽيوشن سينٽرز مافيه پڻ سرگرم نظر اچي ٿي.هن سينٽرز ۾ نه صرف اهي استاد جيڪي سرڪاري اسڪولن ،ڪاليجن ۾ نه پڙهائيندا آهن نه وري ريگيولر ويندا آهن پر اهي استاد پنهنجن پرائيوٽ سينٽرز ۾ صبح کان وٺي شام تائين مصروف رڌل نظر ايندا آهن ڇاڪاڻ ته هو سرڪاري اسڪولن ڪاليجن مان ته صرف پگھار کڻندا آهن پر پڙهائيندا صرف پنهجي پرائويٽ سينٽرز ۾ آهن ۽ هو اتي انهن غريب شاگردن جا کيسا ڪٽيندا آهن جيڪي پنهنجي ماءُ پيءِ جو خواب کڻي ٻهراڙين مان علم جي اوڃ اوجھائڻ لاءِ سنڌھ صوبي جي وڏي شهر حيدرآباد ڏانهن رُخ ڪندا آهن.جتي رهائش جي لحاظ کان قاسم آباد کي وڌيڪ ترجيح ڏني ويندي آھي ڇاڪاڻ ته هتي پرائويٽ سينٽرز جي تعداد يقينن انتهائي گهڻو آهي پر انهن جي فيس جيڪي هڪ غريب شاگرد جي پهچ کان گھڻو مٿي هجڻ باوجود شاگرد ويچارا جيڪي پنهنجي ديس ڇڏي اچن ٿا ته ڪجھ پرائڻ ۽ پڙهائي جي لاءِ اهي لاچار هجڻ سبب داخل ٿيندا آهن ڇو ته ڳوٺن ۾ پڻ پڙهائي جو ڪو خاص ماحول نه آهي  ۽ پرئويٽ سينٽرز جون مهنگيو فيسو ڀري به علم حاصل ڪن ٿا.
            ڏٺو وڃي ته قاسم آباد ۾ جيڪي پرائيويٽ سينٽرز آهن اهي مختلف مضمونن يا مختلف شعبن جا آهن،سينٽرز جا اهڙا قسم آهن جنهن ۾ ڪوچينگ ڪلاس ٿيندا آهن ان ۾ ميٿس، انگريزي، فزڪس ،بائيولاجي، ڪيمسٽري جهڙا مضمون پڙهائيندا آهن. انهي ۾ مختلف اسڪولن ، يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جا گھسڙو يا وري پارٽ ٽائيم جي بهانه سان استاد ايندا آهن پڙهائڻ ۽ شاگردن کي سينٽرز ۾ داخل ٿيڻ لاءِ مجبور به ڪن ٿا ته ڪجه استاد وري پرائويٽ اسڪولن جا آهن اهي ٻارن کي ٿوري عرصي ۾ ڪورس ڪمپليٽ جا جهانسا ڏي نه صرف پنجهنجا کيسا گرم ڪندا رهن ٿا پر ٻارن کي سمجهڻ جو موقعو ئي ناهي هوندو جيڪي هو ڪجه سکي يا پوڇي. ڪجه وري مختلف ٻيا سينٽرز آهن جتي خاص طور تي آئلس يا ٽفل لاءِ انگريزي سيکاريو ۽ پڙهايو ويندو آهي انهي انگلش سينٽرز ۾ وري اهي استاد موجود هوندا آهن جيڪي ڪنهن نه ڪنهن يونيورسٽي جا پروفيسر يا ليڪچرر هوندا آهن اهي به ڪنهن ڳالھ جي قصر نه ڇڏيندا آهن يونيورسٽين ۾ ڪنهن به شاگرد کي صحيح سان ناهن ٻڌائيندا ته جئين شام جو هن جو سينٽر ۾ داخلا وٺي ۽ ائين اسان جي شاگردن جا کيسا ڪٽجن ٿا ۽ تعليم کي هٿي وٺرائي تباه ڪيو پيو وڃي جي ڪجھ شاگرد سينٽرز نٿا پڙهن ته انهن کي فيل ڪرڻ جو به ڊپ ڏيندا آهن.ڳالھ جڏهن پرائيوٽ سينٽرز جي هجي اوتي يونيورسٽيز ۾ داخلا جي تياري هجي يا ڪنهن به ڪميشن پيپرز (سي ايس ايس) جي تياري هجي اتي ته ڪوليفائيڊ آفيسر به نٿا مڙن فيس وٺڻ کان ائين سينٽر مافيه وري سرگرم نظر اچن ٿا ۽ شاگردن کي گليمر ڏيکاري پئسو ڪمائين پيا ڪو پوڇڻ وارو نه آهي نه ئي وري هي سينٽرز ڪنهن پراپر آرگنائيزشن مان منظور ٿيل آهن جنهن کي خيال اچي اسان جي مستقبل جي معمارن جي مستقبل اونڌھ ڪرڻ ۾ ڪو قصر ناهن ڇڏيندا.
          هڪ اندازي مطابق قاسم آباد جتي پرائويٽ سينٽرز جي تعداد تقريبن سئوٽيھ (130) جي لڳ ڀڳ آهي ،انهي حساب سان هڪ اهو به اندازو آهي ته هر سينٽر ۾ تقريبن گورنمنٽ ٽيچر به چار کان پنج هوندا آهن ۽ ان جي اسان اگر سراسري ائوريج ڪڍو ٿا ته لڳ ڀڳ هر هڪ سينٽر ۾ تقريبن ٻه سئو شاگرد به مختلف ٽائمينگ ۾ علم حاصل ڪن ٿا مثلن جي اندازو لڳائجي ته ويھ کان ٽيھ هزار شاگرد چار سئو کان پنج سئو سرڪاري استادن کان تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ايندا آهن انهي مختلف يونيورسٽيز جي ٽيسٽن جي تياري هجي يا ڪنهن نوڪري جي لاءِ  ٽيسٽ ، ساليانه امتحانن جي تياري هجي يا سي ايس ايس يا انگريزي آئلس يا ٽفل جي تياري هجي هتي مختلف علائڪن مان مختلف يونيورسٽيز جي مختلف ڊيپارٽمنٽن جا شاگرد لڳ ڀڳ ويه ٽيھ هزار آهي ائين انهي سان جي اندازو لڳايو وڃي ته هڪڙي ٻار کان تقريبن چار کان پنج هزار روپيا مهيني جي فيس به ورتي وڃي ٿي انهي حساب سان لڳ ڀڳ اٺ کان ڏھ ڪروڙ روپيا مهيني جي آمدني آهي سينٽرز مالڪن جي ان من ماني کي جي مافيه سڏجي ته ڪو هرج نه هوندو ڇو ته ان آمدني ۾ ڪو گورنمنٽ ٽيڪس نه آهي نه وري ڪو ريجسٽريشن فيس.

انٽري ٽيسٽن جي تياري ۽ پاس ٿيندڙ شاگرد
4. شيرزمان کوسو
سنڌ ۾ تعليم جو رجحان ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي، شاگردن جي وڌندڙ انگ اکرن کي ذهن ۾ رکندي حڪومتي سطح توڙي عوامي سطح تي ڪنهن حد تائين تعليمي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. اهڙي قسم جون سهولتون اسان کي ٻهراڙي کان وڌيڪ شهرن ۾ نظر اينديون. سنڌ جي شهر حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد  ۾ اهڙي قسم جي سهولتن جي گهڻائي آهي. شاگردن جي ضرورتن کي مدي نظر رکندي قاسم آباد جي علائقي ۾ سوين پرائيويٽ سينٽر کوليا ويا آهن. جڏهن به سنڌ جي ٻهراڙي مان شاگرد تعليمي مقصدن لاٰء شهرن جو رخ ڪن ٿا ته انهن جي ذهنن ۾ حيدرآباد جو علائقو قاسم آباد هوندو آهي. اڄ به اسان کي هزارين شاگرد قاسم آباد جي سنٽرن ۾ ملندا جيڪي مختلف تعليمي مقصدن لاٰءِ سنڌ جي مختلف شهرن توڙي ٻهراڙي جي علائقن مان ايندا آهن.

سنڌ جي گورنمينٽ ادارن ۾ تعليم جو معيار ڪرندو رهي ٿو ۽ شاگرد ان ماحول مان بلڪل مايوس ٿي چڪا آهن. جڏهن به شاگرد ڪاليج مان نڪري يونيورسٽي ڏانهن رجوع ڪندو آهي ته ان جي پرفارمينس ايتري خاص ناهي هوندي جنهن تحت هو يونيورسٽي يا ڪنهن ٻي اداري م داخل ٿي سگهي، پوء مجبورن انهن شاگردن کي ڪنهن پرائيويٽ سينٽر ۾ وڃڻو پئي ٿو. صاف ظاهر آهي ته سرڪاري اسڪولن توڙي ڪاليجن جون ڪمزوريون شاگردن کي پرائيويٽ سينٽرن ڏانهن مائل ڪن ٿيون. قاسم آباد ۾ لڳ ڀڳ سون جي تعداد ۾ پرائيويٽ سينٽر موجود آهن، جن مان مختلف سينٽرن ۾ فقط انٽري ٽيسٽ توڙي ٻين ٽيسٽن جي تياري ڪرائي ويندي آهي. انهن سينٽرن جي معيار به هڪ ٻئي کان مختلف آهي، ڪجهه سينٽرن ۾ ميڊيڪل سان لاڳاپيل ٽيسٽن جي تياري ڪرائي ويندي آهي ته ڪجهه سينٽرن ۾ انجنيئرنگ سان لاڳاپيل ٽيسٽن جي تياري ٿئي ٿي، ٻئي طرف وري هڪ ئي سينٽر ۾ مختلف قسمن جي ٽيسٽن جي تياري ڪرائي ويندي آهي ۽ ان مطابق ئي انهن سينٽرن ۾ شاگردن جو انگ اکر هجي ٿو ۽ سينٽرن طرفان به ان مطابق ئي فيس اسٽيڪچر تيار ڪئي ويندي آهي.

قاسم آباد جي سينٽرن جو يونيورسٽين لاء انٽري ٽيسٽ جي تياري ۾ وڏو ڪردار رهيو آهي. اسان کي پڻ يونيورسٽين ۾ مختلف شاگرد ملندا، جن انٽري ٽيسٽ جي تياري قاسم آباد جي  پرائيويٽ سينٽرن ۾ ڪئي ۽ سوين شاگرد اهڙا آهن جيڪي يونيورسٽي جي انٽري ٽيسٽ جي تياري لاء قاسم آباد جي پرائيويٽ سينٽرن کي ترجيح ڏين ٿا. انهن پرائيويٽ سينٽرن ۾ سڀ کي وڌيڪ ترجيح اسپارڪ سينٽر کي ڏني وڃي ٿي. اسپارڪ سينٽر ۾ سوين شاگرد مختلف انٽري ٽيسٽن لاءِ داخلا وٺندا رهن ٿا. ميڊيڪل توڙي انگنيئرنگ جا شاگرد اسپارڪ سينٽر ۾ پڙهي ڪاميابي سان انٽري ٽيسٽ پاس ڪندا آهن. تعليمي معيار جي مطابق اسپارڪ سينٽر جي فيس ٻين سينٽرن کان مختلف آهي. جڏهن به يونيورسٽي جي شاگردن کان انٽري ٽيسٽ لاءِ بهترين سينٽرن جو پڇيو ويندو آهي ته تقريبن شاگردن جي زبان تي اسپارڪ سينٽر جو نالو هوندو آهي. يونيورسٽين ۾ سڀ کان وڌيڪ شاگرد اسپارڪ سينٽر جا هوندا آهن، ان سان گڏوگڏ ٻهراڙي مان ايندڙ شاگردن جو وڏو انگ به اسپارڪ سينٽر ۾ هوندو آهي. ان کان علاوه قاسم آباد ۾ اقرا ۽ ناليج اِن به اهي سينٽر آهن، جتي يونيورسٽين لاءِ انٽري ٽيسٽ جي تياري ڪرائي ويندي آهي. هنن سينٽرن ۾ به شاگرد انٽري ٽيسٽن جي تياري لاءِ داخلا وٺن ٿا. هنن سينٽرن ۾ به شاگردن جو وڏو انگ هوندو آهي. هتي جي انتظاميه مطابق ته هنن سينٽرن مان نڪتل سوين شاگرد انٽري ٽيسٽ ۾ ڪامياب ٿيندا آهن. ان کان علاوه بليسنگ ۽ روٽس به قاسم آباد ۾ اهي سينٽر آهن جتي يونيورسٽين جي انٽري ٽيسٽن جي تياري ڪرائي ويندي آهي. قاسم آباد ۾ انٽري ٽيسٽ جي تياري جي حوالي سان بليسنگ، روٽس ۽ پئنٽاگون سينٽر به الڳ حيثيت رکن ٿا. يونيورسٽين جي انٽري ٽيسٽ ۾ پاس ٿيندڙ گهڻن ئي شاگردن جو تعلق به بليسنگ، روٽس ۽ پئنٽاگون سينٽر سان آهي. هن کان علاوه قاسم آباد ۾ ٽائمس سينٽر به انٽري ٽيسٽن جي تياري لاء موزون ڪردار ادا ڪري ٿو. ٻين سينٽرن جيان ٽائمس سينٽر به شاگردن کي مڪمل تياري ڪرائي يونيورسٽين جي حوالي ڪري ٿو. ان کان پوء اسپائر سينٽر به انٽري ٽيسٽ جي حوالي سان اهميت رکي ٿو جتي شاگردن جو وڏو انگ نظر ايندو آهي. هنن سينٽرن ۾ انٽري ٽيسٽ جي تياري کان علاوه شاگردن کي تمام گهڻو اتساهيو به ويندو آهي. هنن سڀن سينٽرن کان علاوه سوين اهڙا سينٽر آهن جتي مختلف ڪورسن سان گڏوگڏ انٽري ٽيسٽن جي تياري به ڪرائيندا آهن. جن مان سن لائيٽ، ڊائنامڪ، اميجن، سينٽر آف ايڪسيلينس به تمام اهم آهن. ڪنهن به انٽري ٽيسٽ جي تياري ان ٽيسٽ کان ٽي کان چار مهينا اڳ ڪرائي ويندي آهي.

قاسم آباد ۾ موجود انٽري ٽيسٽن جي تياري لاءِ سينٽرن جي فيس اسٽيڪچر تمام ڳري آهي. جڏهن اسپارڪ، اقرا، ناليج اِن، بليسنگ، اسپائر، ٽائمس ۽ روٽس سينٽرن جي فيس اسٽيڪچر تي نظر پئي ٿي ته آنڱريون ڏندين هيٺ اچي وڃن ٿيون. هر هڪ سينٽر جي فيس ويهه هزار کان مٿي آهي. جڏهن ته انٽري ٽيسٽ جي تياري جو مڌو ٽي کان چار مهينا آهي، مطلب ته هر هڪ سينٽر جي ماهوار فيس پنج هزار يا ان کان مٿانهون آهي جيڪا هڪ عام شاگرد لاءِ تمام گهڻي آهي. ضرورت هن شيء جي آهي ته پرائيويٽ سينٽرن جي فيس ۾ گهٽتائي آندي وڃي ۽ ان سان گڏوگڏ جديد ڪورس به متعارف ڪرايا وڃن ته جيئن اسان جا شاگرد جديد دور جي جديد ضرورتن تي پورا لهي سگهن ۽ ان کان علاوه سينٽرن ۾ قابل استادن کي ئي مقرر ڪيو وڃي ته جيئن  شاگرد انهن مان ڀرپور فائدا حاصل ڪري سگهن. اها شيء به ذهين نشين ٿيڻ گهرجي ته معاري تعليم سٺي ماحول ۾ ئي حاصل ڪري سگهجي ٿي.


آنند ڪمار
رول نمبر:2K15/MC/19
ڪلاس: بي ايس سال ٽيون
خانگي اڪيڊميز جي تعليم
سنڌ ۾ تعليمي ڍانچي جي تباهي سبب نوجوانن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ تمام گھڻين ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جن جو هڪ ڪارڻ سنڌ ۾ اعليٰ تعليم لاءِ يونيورسٽين جو گھٽ تعداد به آهي، سنڌ جي ضلعي ڄامشوري ۾ قائم ٽه يونيورسٽيون سنڌ جي ٻهراڙي جي تمام گھڻن شاگردن کي ڊگريون ڏين ٿيون جن ڪري شاگرد پنهنجا گھر ڇڏي حيدرآباد ۽ ڄامشوري ۾ رهندا آهن، انهن تعليمي ادارن ۾ داخلا ٽيسٽ جي تياري ۽ ڪاليج ۾ پڙهائي دوران شاگرد مختلف اسيڊميز ۾ داخلا وٺن ٿا، انهي اڪيڊميز ۾ شاگردن کان وصول ٿيندڙ فيس، تعليمي ماحول، اتي پڙهائيندڙ استادن ۽ ٻين مسئلن تي هيٺ ذڪر ڪجي ٿو.
حيدرآباد جي ٻين علائقن کان قاسم آباد ۾ تعليمي اڪيڊميز جو تعداد ڪجھ وڌيڪ آهي، هتي سنڌ جي ٻهڙاڙين جا ڪاليج ۽ يونيورسٽي ۾ داخلا ٽيسٽ جي تياري لاءِ مختلف اڪيڊميز تي داخلا وٺندا آهن انهي سان گڏ انگريزي ٻولي سکڻ لاءِ به شاگردن جو وڏو انگ اهڙين اڪيڊميز جو رخ ڪندو آهي، قاسم آباد ۾ قائم اڪيڊميز جو ان 100 کان مٿي هوندو، جن ۾ روزانو هزارين شاگرد تعليم لاءِ ايندا آهن.
هتي ضرورت هن ڳالهه کي سمجھڻ جي آهي ته اسان وٽ ڪاليج ۽ استاد هئڻ باوجود شاگردن جو ايترو وڏو انگ تعليم لاءِ خانگي اڪيڊميز تي ڇو ٿو وڃي؟
سنڌ جي ٻهراڙين ۾ تعليمي ماحول نه هئڻ جي ڪري شاگرد اتي جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ داخلا ته وٺي ٿو ڇڏي پر جڏهن پڙهائي جي ڳالهه ٿي اچي ته هن کي انهن ڪاليجن ۽ استادن تي ڀاڙڻ بدران پنهنجي مدد پاڻ تحت خانگي اڪيڊميز جو سهارو وٺڻو ٿو پوي.
اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڙهائي سان گڏ ٻيون گھربل سهولتون جيئن صاف پاڻي، بجلي، روزانو ٽيسٽون، وقت تي ڪلاس ٿيڻ وغيره نه هئڻ ڪري به شاگرد خانگي اڪيڊميز تي پڙهن ٿا.
اسان وٽ خانگي تعليم کي ئي ڪامياي جي ضمانت سمجھيو ويندو آهي جنهن ڪري اها ماڻهن جي هڪ سوچ بڻجي چڪي آهي ته خانگي تعليم کانسواءِ ڪو شاگرد معياري تعليم نٿو حاصل ڪري سگھي، اسان جڏهن قاسم آباد جي مختلف خانگي اڪيڊميز جو مشاهدو ڪيو ته ان مان اها ڳالهه واضح ٿي ته انهن ادارن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن جو وڏو انگ سنڌ جي ٻهراڙين جي شاگردن جو هو، جيڪي پنهنجن ڳوٺن ۽ شهرن جي اسڪولن ۽ ڪاليج ۾ داخلا وٺي هتي پنهنجي پڙهائي جاري رکندا آهن.
اهي ئي ويٺل هڪ شاگرد محمد حفيط ٻڌايو ته آئون خانپور جو رهواسي آهيان ۽ هتي ڪاليج ۾ انٽر ۾ پڙهندو آهيان، داخلا اتي ڪاليج ۾ ٿيل آهي پر پڙهائي لاءِ هتي آيو آهيان، مونکي يونيورسٽي ۾ پڙهي انجنيئر بڻجڻو آهي، تنهن لاءِ هتي خانگي اڪيڊمي ۾ داخلا ورتي آهي جتي سرڪاري ڪاليج جا استاد به پڙهائيندا آهن.
هڪ خانگي اڪيڊمي جو ڪارونهوار سنڀاليندڙ نوجوان پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ واري شرط ي ٻڌايو ته اسان وٽ ٽوٽل 9 استاد شاگردن کي پڙهائيندا آهن، جن مان 5 سرڪاري ڪاليجن جا ليڪچرار ۽ 1 يونيورسٽي جو ليڪچرار ۽ 3 ٻيا استاد آهن جيڪي شاگردن کي فزڪس، ڪئمسٽري، مئٿس، بايالاجي ۽ انگريزي پڙهائيندا آهن. انهي سان گڏ مختلف يونيورسٽين ۾ داخلا لاءِ پڻ شاگردن کي چار کان پنج مهينن ۾ يارهين ۽ ٻارهين ڪلاسن جا مکيه چار سبجيڪٽ پڙهايا ويندا آهن ته جيئن شاگرد ٽيسٽ ۾ وڌ کان وڌ مارڪون کڻي سگھن.
جڏهن انهن خانگي اڪيڊميز تي پڙهندڙ شاگردن جو يونيورسٽي جي ٽيسٽن ۾ پاس ٿيڻ جو تناسب ڏسبو ته اسان کي انگ انکر اهي نه ملندا جيڪي ٻڌايا ويندا آهن، مختلف اڪيڊميز تان ڪيل مشاهدي مان اندازو ڪري سگھجي ٿو ته ميڊيڪل جي ٽيسٽ ۾ پاس ٿيندڙ شاگرد جو تناسب 5 سيڪڙو به ناهي، مطلب ته خانگي اڪيڊميز تي پڙهندڙ هڪ سئو شاگردن مان 5 شاگرد به ميڊيڪل جي ٽيسٽ ۾ پنهنجي سليڪشن نٿا ڪرائي سگھن، پر ان جي نسبت انجنيئرنگ يونيوسٽي ۾ داخلا حاصل ڪندڙ شاگردن جو تعداد ميڊيڪل جي شاگردن کان وڌيڪ مليو، ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته اسان جي انجنيئرنگ يونيورسٽين ۾ سيٽون به وڌيڪ آهن.







ياسر سوڍر
رول نمبر 93
بي ايس پارٽ 3

ٻهراڙي جي شاگردن پاران سينٽرن کي ترجيح ڏيڻ جا ڪارڻ

سنڌ ۾ تعليم جو معيار ايترو آهي جو اسان جا نوجوان شاگرد ٽيوشن سينٽرن کانسواءِ تعليم پرائي نٿا سگھن، ڀل اهي  ڪنهن سٺي پرائيويٽ ڪاليج ۾ پڙهندا هجن، هتي ان ڳالھ جو ذڪر ضروري آهي ته پرائيويٽ ڪاليجن ۾ جيڪي استاد حضرات پڙهائين ٿا اهي ايترا تربيت يافته ناهن جو اهي شاگرد کي هر موضوع يا مضمون تي مطمئن طريقي سان پڙهائي سگھن، اهو به ڪنهن حد تائين هڪ سبب آهي ته شاگرد ٽيوشن سينٽر ڏانهن رخ ڪن ٿا ڇاڪاڻ ته سينٽر تي جيڪي استاد پڙهائين ٿا اهي ڪنهن سرڪاري ڪاليج ۾ پڙهائيندا هوندا آهن ۽ اهي استاد  پوري طرح تربيت يافته هوندا آهن.
 اسان جو نوجوان طبقو صرف سينٽرن تي ئي ڀاڙي ٿو. اسان اهو به ڏٺو آهي ته سينٽرن تي پڙهندڙ شاگردن ۾ ٻهراڙين سان تعلق رکندڙ شاگردن جو به ججھو انگ هجي ٿو، انهن شاگردن جو پنهنجي ڳوٺ يا شهر جي ڪاليج ۾ داخلا ته موجود آهي پر اها داخلا صرف اتي ئي محدود آهي ۽ سال ۾ هڪ دفعو ڪاليج وڃي امتحان ڏئي وري  اچي سينٽر تي تعليم پرائن ٿا. اسان ڪجھ شاگردن سان ڳالھ ٻولھ ڪئي جن مان اڪثريت جو تعلق ٿرپارڪر، بدين، عمر ڪوٽ، دادو، مٽياري، ۽ قمبر ضلعن جي شاگردن جو هيو، جيڪي پنهنجا شهر ڇڏي اچي حيدرآباد جي قاسم آباد جي سينٽرن تي تعليم پرائي رهيا آهن.
سنڌ جي ٻھراڙي مان سوين شاگرد قاسم آباد جي سينٽرن ڏانھن رخ ڪن ٿا جنھن جا مختلف سبب آھن. پھرين ته اسان جي ٻھراڙي ۾ تعليمي سھولتون بنھ نه آهن . سنڌ جي وڏي وزير پاران سنڌ ۾ تعليمي ايمرجنسي لاڳو  ڪئي وئي آهي جيئن اسان جي تعليم کي هٿي ڏني وڃي، جنهن تي اربين رپيا لاڳت ٿي چڪي آهي پر اسان جي تعليم جي سرزمين ساڳي ئي آهي، سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ معيار واري تعليم نه ٿي ڏني وڃي جنهن سان شاگردن جون تعليمي گھرجون پوريون نه ٿيون ٿي سگھن. اسان کي اھڙا ڪيترا ئي ڪاليج ملندا جن ۾ فقط پيپر ئي ورتا ويندا آھن. جتي استاد پڻ ريگيولر ناھن ھوندا. ڪيترا ئي استاد گوسڙو ھوندا آھن جن ڪڏھن اسڪولن ۽ ڪاليجن جو منھن ئي ناھي ڏٺو. تمام گھٽ شاگرد پنهجن سبجيڪٽن کي سمجھي سگھندا آھن.
 ٻيو ته ٻھراڙي ۾ سينٽر ته موجود آهن پر انگ تمام گھٽ آھي. ٻھراڙي ۾ اسان کي جيڪي به سينٽر نظر ايندا اتي فقط انگريزي ٻولي کي اھميت ڏني ويندي آھي. اتي شاگرد ٻين سبجيڪٽن جهڙوڪ سائنسي سبجيڪٽن ۾ پڻ ڪمزور ھوندا آهن....... جڏهن اسين هڪ نظر قاسم آباد پر سموري سنڌ جي شهرن جتي به ٽيوشن سينٽر موجود آهن تي وجھنداسين ته هر سينٽر جي پاليسي ساڳي ئي نظر ايندي ته ڪاروبار کي فروغ ۽ شاگردن کي ڦرڻ. 
    پر هڪ ڳالھ مڃڻي پوندي ته سينٽر ۾ بنسبت سرڪاري ڪاليجن جي تعليم جو معيار سٺو آهي يقينن شاگرد سينٽرن ۾ پڙھائي جو معيار ڏسي بعد ۾ ايندا آھن. اسان کي جيڪي به ٻھراڙي جا شاگرد قاسم آباد جي سينٽرن ۾ ملندا اھي سڀ شاگرد پھچ رکندڙ خاندانن سان تعلق رکن ٿا. ائين به ناھي ته جيڪي شاگرد قاسم آباد جي سينٽرن ۾ نه ٿا اچن سي ٻھراڙي جي اسڪولن يا ڪاليجن کي اھميت ڏين ٿا. اصل ۾ انھن شاگردن سان مالي مسئلا ھوندا آھن. ڳوٺن مان شاگردن جو قاسم آباد جي سينٽرن ۾ اچڻ جو ھڪڙو سبب اھو به آھي ته سينٽرن ۾ معيار واري پڙھائي هوندي آهي. ٻيو ته قاسم آباد جي سينٽرن ۾ اسان کي ھر ڪورس ملندو. ھتي سبجيڪٽن سان گڏوگڏ ڪمپيوٽر ۽ ٽيڪنالاجي سان لاڳاپيل ڪورس به موجود آھن....
ٽيون ته سينٽرن ۾ شاگردن کي پڙھائي سان گڏوگڏ ٻيو عملي ڪم به سيکاريا ويندا آھن. ڳوٺن جي سينٽرن ۾ ايتريون سھولتون ناھن جيتريون سھولتون اسان کي قاسم آباد. جي سينٽرن ۾ ملنديون...
        قاسم آباد جي هڪ سينٽر تي پڙهندڙ نوجوان کان پڇا ڪئي وئي ته هو ڪهڙي سببن جي ڪري سينٽر تي تعليم پرائي رهيو آهي ته هن وراڻيو ته ڳوٺ جي پڙهائي ۽ شهر جي پڙهائي ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي ڳوٺ ۾ يا ته اسڪول بند آهن يا وري اتي استاد موجود ناهن ان ڪري اسان جو بنياد ايترو مضبوط ناهي ان ڪري اسان سينٽر تي داخلا وٺڻ تي مجبور هوندا آهيون. هڪ ٻئي شاگرد جنهن جو تعلق قمبر ضلعي سان هو اسان سان ويچار ونڊيا ته هن جي شهر ۾ ٽيوشن سينٽر موجود ته آهن پر اتي صرف انگريزي تي ڌيان ڏنو ٿو وڃي جنهن سان ٻيا سائنسي سبجيڪٽ رهجيو وڃن جڏهن ته قاسم آباد جي سينٽرن تي هر سبجيڪٽ جي ڪوچنگ ڏني ويندي آهي.
سنڌ جي ٻهراڙين مان شاگرد قاسم آباد جي سينٽرن تي سوين اچن ٿا پر انهن مان آنڱرين تي ڳڻڻ جيترا شاگرد ڪامياب ٿين ٿا ان جو سبب اهو آهي ته سينٽر جي پڙهائي  ۽ ريگيولر ڪاليج يا اسڪولن ۾ جيڪي سبجيڪٽ پڙهايا وڃن ٿا تن ۾ وڏو فرق نظر اچي ٿو،  اهو ئي سبب آهي جو اسان جا ٽيوشن سينٽر هڪ ڪاروبار بڻجي چڪا آهن، اتي پڙهائيدڙ استاد شاگردن تي ڌيان ئي نٿا ڌرن، سينٽرن جا استاد ڪلاس باقائدگي سان ته وٺن ٿا پر صرف ڪاروبار جي نسبت سان. 



  

Comments

Popular posts from this blog

Yousuf Laghari Profile by Nimra

Aqeel Ahmed Soomro

TWO OLD GOVERNMENT SCHOOLS OF HYDERABAD CITY