Shaista Soomro - Interview with Aneela Soomro

Interview
Dr. Aneela Naz Soomro

Shaista Soomro
BS Part III
2K15/MC/110

تعارف:        ڊاڪٽر انيلا ناز سومرو جي شخصيت پس مانده علائقن مان ايندڙ شاگردن لاءِ هڪ وڏو مثال آهي. ڊاڪٽر انيلا جو تعلق ڪاڇي جي ڪپ تي موجود جوهي شهر کان آهي. انيلا سومرو جوهي شهر کان پهرين عورت آهي. جنهن پي ايڇ ڊي ڪئي آهي. جاپان مان پي ايڇ ڊي ڪري اچڻ کان پوءِ هينئر سنڌ يونيورسٽي جي شعبي فريش واٽر بايولاجي تدرسي و تحقيقي ۽ اسيسوسيٽ پروفيسر طور خدمتون انجام ڏئي رهي آهي.

س1:  جوهي کان جاپان تائين پنهنجي تعليمي سفر بابت ٻڌايو؟
ج:     مان ابتدائي تعليم جوهي بوائز پرائمري اسڪول ۽ پوءِ بوائز هاءِ اسڪول مان ڪئي. ان ڪري بوائز مان ڪئي ڇو ته ان جوهي ۾ ان وقت ڇوڪرين لاءِ ڪوبه مڊل اسڪول نه هو. هڪ ٻه هئا پر انهن جي فيڪلٽي سٺي نه هئي. تنهن کان بعد دادو گلز ڪاليج مان انٽر ڪئي ۽ يونيورسٽي آف سنڌ مان فشريز ڊپارٽمينٽ ۾ آنرز ۽ ماسٽر پهرين پوزيشن ۾ ڪئي ۽ پوءِ پي ايڇ ڊي لاءِ جاپان ۾ اپلائي ڪيم.
س2:  خاتون اول جي ايڇ ڊي جوهي جو اعزاز ماڻيو اٿو، ان باري ۾ ڇا چوندا؟
ج:     منهنجو بس خواب هوندو هو ته مان ٻاهران تعليم حاصل ڪيان. ماڻهون جڏهن پنهنجي منزل منتخب ڪندو آهي ته لازمي ان رستي جي پيروي ڪندو آهي. جڏهن مان شروع ۾ هن ڊپارٽمينٽ ۾ آيم ته سڀني صلاح ڏني ته هي ڊپارٽمينٽ ڇڏيانگلش يا زولاجي ۾ وڃان ڇو ته هن ڊپارٽمينٽ ۾ ٽيچنگ جي لهاذ کان ڪا سٺي پوسٽ ناهي، پر پوءِ مون جڏهن ڏٺو ته هن شعبي جي وسعت آهي ته مان پاڻ همت نه هاري لگاتار ڪوشش کان پوءِ پنهنجي منزل حاصل ڪئي. الله جو شڪر آهي ۽ ان اعزاز کي حاصل ڪرڻ پويان منهنجي اڻٿڪ محنت آهي.
س3:  فشريز جو انتخاب شوقيا هو؟
ج:     اسان جي پڙهائي واري دور ۾ آئين نه هوندو هو.  فارم وغيره مختلف هوندا هئا. جڏهن مان ڪيٽالاگ ۾ هن ڊپارٽمنٽ جو نالو ڏٺو ته مون کي نئون لڳو. مان انگلش زولاجي سان گڏ فشريز ۾ به اپلائي ڪيو. منهنجا فارم ٻن ڊپارٽمينٽ ۾ گم ٿي ويا ۽ اتفاق سان فشريز ۾ نه ٿيا ائين منهنجي داخلا هتي ٿي.
س4:  پڙهائي واري دور ۾ يا منزل جي رسائي تائين پهچڻ ۾ ڪهڙين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو؟
ج:     تعليم ۾ مونکي ڪڏهن ڪا مشڪل نه آئي. مون کي ڪڏهن نه لڳو ته منهنجي لاءِ ڪابه مشڪل آهي. هر حال ۾ گذارو ڪرڻ جي مون کي عادت آهي منهنجو هميشه کان پڪو ارادو  هو ته مون کي پنهنجي تعليم پوري ڪرڻي آهي. مون کي پوري توجهه پنهنجي پڙهائي ته هئي. پڙهائي جو ڪم پورو ڪرڻ منهنجي پهرين ترجيح هئي. ٻين شين جي نسبت پڙهائي تي ڌيان هميشه وڌيڪ ڏنم پر مشڪل نه ڪڏهن محسوس ڪيائم.
س5:  فشريز ۾ ليڪچرار شپ توهان جو پنهنجو فيصلو هو؟
ج:     ها منهنجو فيصلو هو ۽ ائين هو ته جيئن ان فيصلي ۾ ڪنهن مون کي ايتري همت افزائي به نه ڪئي. هن ڊپارٽمينٽ جي طرفان به نه ڪا چڳي موٽ نه هئي، مان پنهنجي دور جي پوزيشن هولڊر رهي چڪي هيم. مان مقابلو ڪيو ۽ ان وقت ۾ ائين هو ته ماڻهون ميرٽ تي هليو ويندو هو. منهنجي ڪابه سفارش نه هئي. منهنجي والد صاحب پڇيو ته بابا ڪنهن کي چون، مان چيو ته باب مون کي پاڻ ته ڀروسو آهي. مان ڪوشش ڪري ڏسان ٿي. اگر نه ٿي سگهيو مون کان ته پوءِ ڀلي توهان مدد ڪجو.س6:        توهان پي ايڇ ڊي اسڪالرشپ تي ڪئي؟
ج:     جي ها مان پي ايڇ ڊي اسڪالرشپ تي ڪئي، مون کي هتان پاڪستان مان نه ملي مان سڌو جاپان گورنمنٽ جي اسڪالرشپ حاصل ڪئي. اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ جا ٻه طريقا هوندا آهن. انهن جي جيڪا ميڪسٽ اسڪالرشپ آهي. اها هڪ پوري طرح سان فنڊڊ آهي ۽ مان انهي طريقي کي اپنايو ۽ مون کي ملي وئي.
س7:  توهان جي پي ايڇ ڊي جو موضوع؟
ج:     منهنجي پي ايڇ ڊي جيڪا آهي. اها فريش واٽر سرنز تي آهي. (ارڪولاجي ۽ بائوجاگرافي آف فريش واٽر سرنزان ڪيڪائي جيما آئرلينڊ) ڇو ته بائوجاگرافي يا جانورن جي بابت ڄاڻ لاءِ ارڪولاجي الاهي ضروري هوندي آهي ۽ ان تي مون ڏاڍو سٺو ڪم ڪيو.
س8:  جوهي ۾ هنئي ڇوڪرين جي تعليم بابت ڇا چوندا؟ توهان جي ڪاميابي کان پوءِ علائقي ۾ ڇوڪرين جي تعليم ۾ فرق آيو؟
ج:     الحمدالله مون کان پوءِ ڏاڍيون ڇوڪريون پڙهڻ لاءِ نڪتيون آهن. جيڪڏهن توهان هڪ سٺو مثال ٺاهي وڃو ٿا ته آس پاس جا ماڻهون متاثر ٿين ٿا ۽ هڪ مثبت سوچ جنم وٺي ٿي. هئي اسان جي علائقي جا مائٽ ڇوڪرين کي اڳيان پڙهڻ جي اجازت ڏين ٿا. سڀني جو خيال آهي ته اسان جي ڇوڪري ايڏي سٺي طريقي سان اڳتي وئي آهي ۽ سٺي طريقي سان پڙهي آئي آهي ته اسان جو نياڻيون به اڳيان وڌن، جيڪڏهن اسان ڪنهن پس مانده علائقي مان اچون ٿا ته اسانکي ان ڳالهه جو ذميواري سان هجڻ گهرجي ته اسان پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ ڪو سٺو مثال ٺاهيون.
س9:  اڄ جنهن مقام تي آهيون، ايستائين پهچائڻ ۾ ڪنهن جو هٿ آهي”
ج:     بلڪل منهنجي والده جو،هو هئي هن دنيا ۾ ڪونهي. منهنجي والده هميشه منهنجي همت افزائي ڪندي هئي. جڏهن مان جاپان ويس ته مان چوندي هيم ته هر ڇهين مهيني چڪر لڳايان، پر والده کي خبر هوندي هئي ته ايندي پوءِ واري مٿان نه وڃي ان ڪري چوندي هئي ته پهرين ڊگري ڪري وٺ پوءِ اچجان، منهنجي ڪاميابي جي پويانهٿ منهنجي والده جو ٿي سمجهان.
س10:        ٽيچنگ کان علاوه ٻئي ڪنهن قسم جي مشغولي؟
ج:     ها مان عورتن جي حقن جي لاءِ آواز اڀريندڙ سماجي سرگرمين ۾ پنهنجي دوستن سان گڏ حصو وٺندي رهندي آهيان.
س11:        پنهنجي علائقي واسين لاءِ ڪو سماجي تجويز/منصوبو؟
ج:     جي بلڪل منهنجي اها خواهش آهي ته مان هڪ اهڙو گروه ٺاهيان، جيڪو اسان جي علائقي۾ گورمنٽ اسڪولن ۾ ٻارن جي تعليم نظام کي بهتر بڻائي سگهي. جيئن ته هر ٻار جو بنيادي حق آهي ۽ ٻار جي بنياد سٺي هوندي ته هو اڳتي وڌيڪ تيزي سان نڪري سگهندو.
س:    نوجوانن شاگردن لاءِ ڪا نصيحت؟
ج:     نوجوانن لاءِ اهو چوندس ته ٿورو پنهنجي ڪيريئر تي ڌيان ڏيو. ڇو ته توهان ان وقت کان گذري رهيا آهيو. جنهن ۾ انسان پاڻ کي ٺاهيندو آهي. توهان پنهنجي پاڻ کي هر شي کان وڌيڪ اهميت ڏيو پڙهائي جي نسبت سان يونيورسٽي لائف اها اهو دور جيڪو توهان جي شخصيت ۽ خاصيت کي سنواري ٿو. هي وقت آهي توهان جي سکڻ جو پنهنجا اسٽڊي گروپ  ٺاهيو وڌ کان وڌ ڌيان پنهنجي پڙهائي تي ڏيو ۽ پنهنجي پاڻ کي اڳيان آڻيو. مان پنهنجي شاگردن کي صرف فشريز نه پڙهائيندي آهيان پر اهو به سيکاريندي آهيان ته پاڻ کي اڳيان ڪيئن آڻجي.





Comments

Popular posts from this blog

Yousuf Laghari Profile by Nimra

Aqeel Ahmed Soomro

TWO OLD GOVERNMENT SCHOOLS OF HYDERABAD CITY