Quratul Ain Soomro Feature

U have sent it after 20 days of deadline
قرت العين سومرو
رول نمبر 119
بي ايس پارٽ ٽيون 
فيچر

"درگا شيو مندر"حيدرآباد 


درگا شيو مندر حيدرآباد شھر ۾ راڻي باغ سامھون سرڪٽ ھائوس ۾ واقع آهي جيڪو حيدرآباد جو قديم ترين تاريخي مندر آهي۔ هندو ڌرم جون ٻيون به ڪيتريون ئي وڏيون عبادتگاهون موجود جيئن هنگلاج، اروڙ، فتح چوڪ انهن ۾ هي مندر به  پنهنجي حيثيت رکي ٿو حيدرآباد شھر ۾ ٻيا به مندر آهن پر هي حيدرآباد جو وڏي ۾ وڏو مندر ڄاڻايو وڃي ٿو۔ 
هن مندر جي بنياد ڪنهن رکي ۽ ڪڏهن رکي وئي اهو مندر ۾ موجود پڃاري ڀڱت ڪرم چند مکي سان ڱاله ٻولھ ڪندي خبر پئي ته ان جو ڪنهن کي لو اندازو به ناهي درگا شيو مندر ايترو قديم مندر آھي۔ ڀڱت ڪرم چند مکي جو چوڻ آهي ته هو پيڙھي در پيڙهي هن مندر جي سار سنڀال ڪندا آيا آھن. مندر جي سار سنڀال جو زمو سندس خاندان کي مليل آھي، سندس گهر جو در به مندر جي اندران ئي کلي ٿو هو ڏينهن رات پاڻ ۽ پڻ سندس گھر واري مندر جي سار سنڀال جي زميواري خوشي سان نڀائن ٿا ، ان قديم مندر ۾ هڪڙي نه پر گهڻي تعداد ۾ مورتيون رکيل آهن جن جا نالا مندر جي پڄاري ڪرم چند درگا مان ، سرسوتي ماتا ، لشمي ماتا ، راڌا ڪرشن ، پاروتي شيو بگهوان ، گانيش بگهوان گائي ماتا ، شيرانوالي ماتا ، گنگا مان ۽ ڪالي ماتا ٻڌايا مندر ۾ موجود مورتين جي هر سال مرمت ۽ رنگ روپ ڪرايو ويندو آهي جنهن کان پوء نوان ڪپڙا پارائي مورتين کي سجايو ويندو آهي ، مندر ۾ نانگن  هڪ جوڙو هڪ پڻ موجود آهي جنهن جي بابت پڄاري ٻڌايو ته نانگن جي جوڙي کي هر سومر تي ڪڌي کير پياريو ويندو آهي ۽۽ هو ڪنهن کي ڪو نقصان نه ٿا پهچائن ، مندر جي هڪ ٻي خاصيت مندر ۾۾ موجود پپل جو وڻ آهي جنهن کي پڻ پوڄيو وڃي ٿو وڻ تي هزارن جي تعداد ۾ ڌاڳا ٻڌل نظر آيا جيڪي باسن ۽ منتن جا هئا پڄاري وڌيڪ ٻڌايو ته هن وڻ کي اگر پوڄا ڪرڻ کانسواء ڪٽيو وڃي ته ان مان رت نڪري ايندي آهي انڪري وڻ کي ڪٽڻ کان پهرين ان جي پوڄا ڪئي ويندي آهي ۽ 7 ناريل ٽوڙيا ويندا آهن مندر ۾ موجود اهو پپل جو وڻ مندر وانگر تمام قديم نظر اچي ٿو. پڄاري جو چوڻ آهي ته هتي ماڻهو پري پري کان اچي باسون باسي وڃن ٿا جن جي پوري ٿيڻ هو ڪپڙا سون جا زيور ۽ گهڻو ڪجھ نظراني ۾ ڏئي ويندا  هن مندر ۾ شاديون به ڪرايون وڃن ٿيون۔ 
هتي روزانه پوڄا به ڪرائي وڃي ٿي جنهن جا مخصوص ٻه وقت مقرر آهن هڪ صبح جو 6 بجي ۽ ٻيو شام جو 7 بجي پوڄا ۾ روز هندو برادري جا ڪيترائي  فرد شرڪت ڪن ٿا۔ روز جي آرتي کان سواء هتي ڪي مخصوي پوڄائون به ڪيون وڃن ٿيون پڄاري سان وڌيڪ ڳالهه ٻولھ ڪندي خبر پئي ته هندو ڌرم ۾ نياڻي کي شيرانوالي ماتا جو روپ سمجهيو ويندو آهي جيئن ته انهن جي شيرانوالي ماتا به سندن چوڻ موجب غير شادي شده هئي انڪري هو نياڻين کي تمام گهڻو مقدس سمجهندا آهن هن جو چوڻ هو ته ان ئي ڪري اسان هتي نياڻين جي مخصوص پوڄا ڪئي ويندي آھي جنهن ۾ انهن جا هٿ ۽ پير ڌورايا ويندا آهن ۽۽ پوء اهو پاڻي هيٺ نه هارايو ويندو آهي اتي موجود ماڻھو ان کي پيئندا آهن اهڙي پوڄا ۾ ڪن به 9 ڇوڪرين کي ويهاريو ويندو آهي هن مندر ۾ سالانه ميلو پڻ لڳندو آهي ۽ اها پوڄا سالانه ميلي ۾ ڪئي ويندي آهي هر سال لڳندڙ ميلي ۾ سڄي پاڪستان کان هندو برادري جا پوءلڳ شرڪت ڪندا آهن سالانه ميلي کي عام طور تي نوراتري وارو ميلو سڏيو وڃي ٿو جيڪو 9 ڏينهن روزا رکڻ کان پوء هندو برادري جي طرفان ملهايو وڃي ٿو مندر جي پڄاري جو چوڻ آهي ته ميلي ۾ ٿيندڙ خرچ پرشاد وغيره سڀ اتي ايندڙ ھندو برادري وارا ڏين ٿا ڪوئي 40 ۽ ڪوئي 50 ديڱيون ڏيندو آهي۔ هر سال ميلي جي تيري ڪندي مندر تي ڪم ٿيندو آهي جنهن ۾ مندر کي سجائڻ لاء رنگ روپ  ڪرايو ويندو آھي مندر ۾ ديوارين تي منظر ڪشي جو ڪم خوبصورت انداز ۾ پڻ ٿيل نظر آيو۔ هن وقت به ميلي جي تياري ۾ مندر جي مرمت جو ڪم هلي رهيو آهي۔۔


Comments

Popular posts from this blog

Yousuf Laghari Profile by Nimra

Aqeel Ahmed Soomro

TWO OLD GOVERNMENT SCHOOLS OF HYDERABAD CITY