عبدالرزاق عمراڻي جو انٽرويو: اڪرم رانجهاڻي - Akram Ranjhani

U are sending it after deadline. Foto is very small

Akram Ranjhani- M.A (Prev) Roll#MMC-09
Media & Communication Department Sindh University
ميڊيا جي شاگردن جو مستقبل روشن آهي، نوجوانن کي سماجي خدمتن ۾ حصو وٺڻ گهرجي: سماج سڌارڪ عبدالرزاق عمراڻي
ميڊيا دنيا جي طاقتور ڌرين ۾ شامل ٿئي ٿي  ۽ هر قسم جي تبديلي لاءِ وڏي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري رهي آهي: ناليواري سماج سڌارڪ جون خاص ڳالهيون
انٽرويو: اڪرم رانجهاڻي
تعارف:
 ناليوارو سماج سڌارڪ عبدالرزاق عمراڻي 1960ع ڌاري مٽياري ضلعي جي تعلقي نيوسعيدآباد ۾ اتان جي هڪ دوڪاندار نالي محمد سليمان عمراڻي جي گهر ۾ جنم ورتو. عبدالرزاق عمراڻي پنهنجي شروعاتي تعليم پنهنجي ئي شهر نيوسعيدآباد جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ 1965ع دوران پهرين درجي ۾ داخلا ورتي، ائين مئٽرڪ ۽ انٽر ڪلاس جا امتحان پاس ڪرڻ بعد 1983ع وارين گهڙين دوران مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو مان مائيننگ ڊپارٽمينٽ ۾ بيچلر آف انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪئي. 88ع ڌاري مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو مان پاس آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ 1989ع ۾ کيس سرڪاري نوڪري ملي ۽ سرڪاري نوڪري ڪرڻ سان گڏوگڏ کيس سماجي سرگرمين ۾ شموليت سندس مشغول بڻيل رهيو، ڇاڪاڻ ته اها ڪرت کيس ننڍپڻ کان ئي سندس رت ۾ شامل رهندي اچي پئي، جنهن ڪري ائين سرڪاري نوڪري جون خدمتون سرانجام ڏيندي ڏيندي آخرڪار سرڪار جي اها نوڪري ڇڏي مڪمل طور 2005ع ڌاري سماجي سرگرمين جي دنيا ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو ۽ سماجي تنظيم پيمان جي پليٽ فارم تي انساني خدمت لاءِ پنهنجو پاڻ کي پيش ڪيو، جنهن سماجي تنظيم جي اسرا پروجيڪيٽ نالي هڪ پروجيڪيٽ ۾ ڪم ڪرڻ جون ذميواريون حاصل ٿيون. نيٺ سال 2007ع جي تاريخن ۾ هن ناليواري سماج سڌارڪ سنڌ جي مشهور سماجي تنظيم هينڊز ۾ شموليت ڪئي ۽ هلندڙ سال 2017ع تائين جي هنن موجوده ڏينهن ۾ به عبدالرزاق عمراڻي سماجي تنظيم هينڊز جي سدرن سنڌ جي حب مئنيجر طور عهدو سنڀاليندي حيدرآباد، ڄامشورو، مٽياري، ٽنڊوالهيار، ٽنڊو محمد خان، ٺٽي، سجاول، دادو، ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ مٺي ٿرپارڪر ضلعن ۾ سماجي خدمت جو ڪاروهنوار هلائي رهيو آهي. ان کانسواءِ سماج سڌارڪ عبدالرزاق عمراڻي سريلنڪا، بنگلادِيش، ترڪي سميت دنيا جي مختلف ملڪن جا دورا ڪري چڪو آهي، جڏهن ته پاڪستان جي به ڪيترن ئي شهرن کي گهمي ويٺو آهي. جڏهن ته عمراڻيهڪ “چوان ڪيئن سنڌ آ ساڳي” جو ليکڪ به آهي.

سوال: ميڊيا کي اوهان ڪهڙين نظرن سان ڏسي رهيا آهيو؟
جواب: ميڊيا سنڌ سميت پوري دنيا ۾ هن وقت سگهارو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، هونئن به دنيا اندر 4M وارو حڪومت ڪندو آهي، يعني پهرين  ايم (First-M) معنيٰ جسماني طاقت (مسلز)، ٻئين ايم (Second-M) دولت، مال ملڪيت، ٽئين ايم (Third-M)  مائينڊ، ڏاهپ، دماغ ۽  چوٿين ايم (Fourth-M) ميڊيا آهي. يعني 4m واري فارمولي تحت دنيا اندر جتي ٻيون قوتون آهن، اتي ميڊيا به هن دنيا جي طاقتور ڌرين ۾ شامل ٿئي ٿي، ميڊيا هر قسم جي تبديلي لاءِ وڏي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. تازو ترڪي جو مثال آهي، جتي هڪ وڏي بغاوت جي جنم وٺڻ سان سڄي رياست ٿرٿلي ۾ اچي وئي هئي، ان ۾ ڪوبه شڪ نه هيو، جيڪر اتي ميڊيا پنهنجو ڪردار ادا نه ڪري ها ته اڄ ترڪي باغين جي بغاوت سبب ڪنهن وڏي بحران يا حادثي کان بچي نه سگهي ها، ترڪي جي انقلاب بعد شام، مصر، عراق ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ٿيندڙ تباهين، وڏن وڏن مسئلن ۽ معاملن بابت پوري دنيا کي ڄاڻ ڏيڻ وارو ڪردار به ميڊيا ادا ڪري رهي آهي. جيتوڻيڪ اسان جي سنڌ جا ڪيترائي عوامي مسئلا آهن، انهن عوامي مسئلن کي اقتدار جي ايوانن تائين رسائڻ ۾ ميڊيا جو پڻ اهم ڪردار رهندو اچي پيو، سو ميڊيا کي انهن نظرن سان ڏسي رهيو آهيان ته ميڊيا هن دنيا جي طاقتور ۾ طاقتور ڌر آهي، جنهن جي هجڻ سان اڄ جو انسان ڏينهون ڏينهن ذهين ۽ ڄاڻون ٿيندو پيو وڃي.

سوال: اوهان سماجي خدمتن واري دنيا ۾ ڪڏهن کان پير پاتو؟
جواب: سماجي خدمت سان منهنجي روح جو رشتو آهي، ننڍپڻ کانوٺي منهنجي جيون ۾ سماجي خدمت وارو عنصر توڙي جذبو رهندو اچي پيو، جيئن جيئن عمر جو سفر وڌندو پئي ويو ۽ تعليمي ميدان ۾ پرائمري، کانپوءِ مئٽرڪ ۽ مئٽرڪ بعد انٽر يا ٻارهين جماعت وارو زمانو ايندو رهيو، تيئن تئين سماجي خدمتن ۾ واري شعبي ۾ منهنجون دلچسپيون به وڌنديون رهنديون هيون، ائين آخرڪار مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ جڏهن پير پاتو، انهن ڏينهن دوران منهنجي شعور جي دنيا انتهائي وسيع ٿي چڪي آهي ۽ هر طرف منهنجي حياتي کي شعور واري نظر سان ڪجهه اڳتي وک وڌائڻ لاءِ ڪي منزلون  به نظر اچي رهيون هيون، ائين سماجي خدمتن واري انهيءَ جذبي به پنهنجو پاڻ کي ڦوهه جوانيءَ ۾ محسوس ڪندي ڏٺو، آخرڪار 2005ع واري ڏينهن ۾ مون باضابطا طور سماجي تنظيم پيمان ۾ پنهجين سماجي خدمتن جون سرگرميون نروار ٿي ڪري شروع ڪيون ۽ ائين 2007ع دوران هينڊز جهڙي سماجي خدمتن واري اداري ۾ مون کي موقعو مليو ۽ آئون سماجي تنظيم هينڊز کي جوائن ڪري منهنجي رمتي روح سان سسئي پنهون وارو تعلق رکندڙ سماجي خدمتن وارو جذبو پنهنجو پاڻ کي مڪمل سمجهي رهيو هيو ۽ اڄ به دنيا جي ٻين ڪيترن ئي جنجهٽن کان آجو ٿي ڪري انهيءَ ڪرت سان سلهاڙيل آهيان ۽ سدرن سنڌ ۾ جيڪي به ضلعا اچي رهيا آهن، انهن ضلعن ۾ وڃي انساني خدمتن واريون ذميواريون سرانجام ڏئي رهيو آهيان.

سوال: سماجي خدمتن ۾ اوهان کي ڇا حاصل ٿي رهيو آهي؟
جواب: سماجي خدمتن ۾ انسان کي جيڪا وڏي ۾ وڏي حاصلات ٿيندي آهي، اها ماڻهو جي اندر جي خوشي يا روح جي تازگي. اهو ئي سبب آهي جو مون جڏهن ته سماجي خدمتن واري هن دنيا يا جدوجهد ۾ پير رکيو آهي، تڏهن کان وٺي انساني خدمتن ڪرڻ سبب منهنجي روح توڙي اندر جي دنيا کي تمام گهڻيون خوشيون محسوس ٿينديون آهن. ان چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته سماجي خدمتن دوران ڪيڏي به ڀڃ ڊڪ هوندي، وٺ پڪڙ هوندي، آئون ٿڪو ڪونه آهيان، بيزار ڪونه ٿيو آهيان، پر ان جي جاءِ تي منهنجا جذبا ڏينهن به ڏينهن وڌندي وڌندي جوان ٿين پيا. هونئن به اها عام ڳالهه آهي، جيڪا اوهان به پنهنجي حياتي ۾ ڪيترائي ڀيرا ٻڌي هوندي ته دنيا ۾ سڀ کان وڏي ۾ وڏي عبادت انساني خدمت ڪرڻ ۾ آهي، اهو ئي سبب آهي جو آئون سماجي خدمتن توڙي انساني خدمتن کي تمام گهڻو مان ڏيندو آهيان ۽ انساني زندگي ۾ اهو ئي سڀ ڪجهه آهي.

سوال: هونئن ته سماجي تنظيمون الائي ڪيتريون آهن، پر اسان کي ٻڌايو ته سماجي تنظيمن ڪو اهڙو ڪم ڪيو آهي، جيڪو عملي ميدان ۾ نظر ايندو هجي ۽ سماج کي ان مان ڪو ڀرپور نموني فائدو پهتو هجي، اهو صرف ۽ صرف ڦوٽو سيشن يا ڏيکاءُ نه هجي؟
جواب: اوهان جو سوال مون کي بهتر لڳو. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته سماجي تنظيمن يا اين جي اوز جيڪو ڪجهه ڪري رهي آهي، گهڻي ڀاڱي سماجي تنظيمن يا اين جي اوز جي انهن ڪمن ڪارين مان سماج جو ماڻهو مطئمن ناهي، پر ائين به هرگز ناهي ته سماجي تنظيمون توڙي اين جي اوز ڪو ڪم نه رهيون آهن، جن ڪمن جي ثابتي عملي ميدان ۾ نه هجي يا اهو رڳو ڦوٽو سيشن ۽ ڏيکاءُ هجي. ان سان گڏوگڏ آئون اها به ڳالهه ڪندو هلندس ته هر ماڻهو جي پنهنجي پنهنجي سوچ آهي، پنهنجو پنهنجو ڪم، جيڪو سماج لاءِ، ماڻهن لاءِ ۽ هن پنهنجي وطن ۽ قوم لاءِ جيڪو به ماڻهو دل جي حضور سان ڪو ڪردار ادا ڪندو ته ان کي تاريخ ڪڏهن به نه ٿي وساريندي، بلڪه سماجي فرد هميشه هميشه ان ماڻهو کي پنهنجو آئيڊيل بڻائي ياد ڪندا رهندا ۽ ساراهيندا رهندا. حقيقت ۾ سماجي تنظيم هينڊز پنهنجو پاڻ ملهايو آهي، جڏهن 2010ع جي مها ٻوڏ وارو وقت هيو، اها ٻوڏ سنڌ ۾ وڏي تباهي آندي، اٿلهه پٿل آندي، انهن ڏينهن دوران آئون پنهنجو اڪيلو سر کڻي ميدان عمل ۾ لهي پيو هيس ۽ پنهنجن پيارن دوستن جي مدد سان رمضان شريف جو مهينو هوندي به سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن کان ڪهي آيل اندروني سنڌ جي ڳوٺن، واهڻن ۽ ٻهراڙين جي ستايل ماڻهن جي ڪيمپن ۾ وڃي ڪري هڙان وڙان ڪري خدمتون ڪيوسين، ان سڄي ساري جهد ۾ حيدرآباد پريس ڪلب جا ناليوارا صحافي دوست جعفر ميمڻ، مهيش ڪمار، ڊاڪٽر ظفر عباسي، جئه پرڪاش موراڻي، اقبال ملاح ۽ سندس گهر واري بختاور اقبال، جاويد ڀٽي، انور سومرو، ساجد سنڌي، نظام مگسي ۽ غلام مصطفيٰ سولنگي ٻيا ڪيترائي دوست ٻانهن ٻيلي بڻيل هئا، انهن ڏينهن دوران اسان سماجي تنظيمن جا ورڪر، پريس ڪلب حيدرآباد ۽ وي جرنلٽس جي دوستن سامان، کاڌ خوراڪ ۽ زندگي جي ٻين استعمال وارين شين جو به بندوبست ڪيو. ايتري قدر جو سعودي عرب جا ڪجهه عرب هئا، جن سان منهنجو ذاتي تعلق هيو، انهن کان به ٻوڏ متاثرن لاءِ مدد ورتيسين، ان کانسواءِ عبدالله جان ميمڻ بلڊر ۽ سندس سنگت به اسان جو ساٿ ۾ ساٿ ڏيئي بيٺا. مون کي چوڻ نه گهرجي، پر اهو هڪ سماجي خدمتگار ۽ سماجي ورڪر جي حيثيت ۾ اسان جو ادا ڪيل پنهنجي حصي جو ڪم هيو، جنهن جي گواهي حيدرآباد پريس ڪلب جا صحافي دوست ئي ڏئي سگهن ٿا ته هڪ سماجي تنظيم يا اين جي اوز سان لاڳاپيل دوست رڳو ڦوٽو سيشن يا ڏيکاءُ وارو ڪم نه ٿا ڪن، پر عملي طور به پنهنجي وس آهر پنهنجو پاڻ ملهائي رهيا آهن، جنهن جي ثابتي يا جنهن جو رڪارڊ موجود رهي ٿو ۽ اهو عمل پنهنجي موجودگي جو احساس به ڏئي ٿو.  

سوال: موجوده سماجي سرشتي کي توهان ڪهڙي نظر سان ڏسي رهيا آهيو؟
جواب: موجوده سماجي سرشتو بهتر آهي، ڪيتريون ئي تڪليفون ۽ ڏکيائيون آهن، پر رياست کي گهرجي ته  سماجي خدمتن توڙي انساني خدمتن لاءِ راهه عمل ۾ رهندڙ ادارن يا سماجي تنظيمن کي پنهنجو ڪري انهن جو ساٿ ڏين. ڇاڪاڻ ته رياست بااختيار آهي ۽ سماجي تنظيمون رياستي اختيارين ۾ ايترو بااختيار ناهن، ان لاءِ اها ذميواري رياست مٿان عائد ٿئي ٿي ته سماجي تنظيمن بابت نرم گوشو رکي.

سوال: موجوده سماجي سرشتي کي اوهان ڪهڙي نظر سان ڏسي رهيا آهيو؟
جواب: سماجي تنظيمون رياست جو نعم البدل آهن، ڪنهن به سماجي تنظيم جي رياست جي مقابلي ۾ ڪابه سگهه ڪانهي، پر اهي پنهنجي حصي جو ڪم ڪنديون رهن ٿيون، جتي رياستي ادارا صحت، پيئڻ جي پاڻي ۽ ٻين ڪمن کي نه ٿي ڪري سگهي، اتي اهي ذميواريون سماجي تنظيمون نڀائينديون رهن ٿيون، حقيقت ۾ موجوده سماجي سرشتي سماج لاءِ تمام گهڻو فائديمند آهي.
سوال: تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ شاگردن ۽ نوجوانن کي سماجي خدمتن ۾ حصو وٺڻ گهرجي؟
جواب: الفريڊ نوبل بارود ٺاهيو، پر ان جو اهو مقصد هرگز نه هيو، ان بارود سان دنيا کي تباهه ڪيو وڃي ۽ انسانن جا لاشا ڪيرايا وڃن. حقيقت ۾ سندس بارود واري تخيلق جو واحد سبب اهو هيو ته انساني تحفظ يا وري انساني آبادين جي بچاءُ لاءِ اهو بارود ٺاهيو هيو، ائين دنيا اندر ڪيترائي سائنسدان آهن، جيڪي پنهنجي شاگرد واري زماني کان ئي ڪجهه نه ڪجهه ٿيڻ جو شوق رکندا هئا ۽ اهي پنهنجين لڳاتار محنتن ۽ جدوجهد وسيلي منزلن تائين رسيا. تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ شاگرد يا نوجوان هن ملڪ توڙي قوم جو وڏي ۾ وڏو سرمايو آهن، انهن جو  ڦوهه جوانيءَ ۾ سماجي خدمتن ۾ حصو وٺڻ ايترو ضروري آهي، جيترو انساني زندگيءَ ۾ روزاني وارو ڪاروهنوار هجي ٿو. ان ڪري تعليمي ادارن جي شاگردن توڙي نوجوانن کي گهرجي ته اهي سماجي خدمتن ۾ ڀرپور حصو وٺن.
سوال: موجوده ڏينهن دوران ڪهڙيون سماج سڌارڪ ڌريون سماجي خدمتن لاءِ سرگرم آهن؟
جواب: سماجي خدمتن لاءِ هر ڌر پنهنجي پنهنجي وس آهر ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن عالم اقوام ۾ بهتري اچي سگهي، ان حوالي سان عالمي توڙي ملڪي سطح تي جيڪي سماجي ڌريون سماجي خدمتن ۾ سرگرم عمل آهن، انهن ۾ بل ڪلنٽن، بل گيٽ، جرمن ميڊيڪو انٽرنيشنل، يو اين اي، يونيسيف، ايف اي او، ڊبليو ايڇ او، ڊي ايف آءِ، جي سي آءِ ڊي ۽ ٻين اين جي اوز جا ڪيترائي پروجيڪيٽ پاڪستان ۾ پڻ هلي رهيا آهن. ان کانسواءِ هتي جون مقامي اين جي اوز ايس پي او، سافڪو، لاڙ هيومن ڊولپمينٽ، برڊس، هينڊز ، ايس ڊي ايس، آر ڊي ايف، روٽس، ورڪس فائونڊيشن، ارادو، امرڊو، ايس سي ايف، سي پي سي، سامي فائونڊيشن، ٿرديپ، ايم ڪي فائونڊيشن، ٻانهن ٻيلي، تخليق، احساس ۽ آءِ آر سي سماجي خدمتن لاءِ سرگرم آهن.
سوال: آخر ۾ اوهان جو ڪو پيغام هجي؟
جواب: آخر ۾ آئون پنهنجي پيغام ۾ ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ جي شاگردن سان مخاطب ٿيندي اهو چوندس ته ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن جي شاگردن جو مستقبل روشن آهي، ڇاڪاڻ ته اڄ جو دور ميڊيا جو دور آهي ۽ اهو ياد رکيو وڃي ته ميڊيا کانسواءِ هن دنيا بهتر طريقي سان پنهنجي وجود ۾ رهڻ منهنجي خيال ۾ ناممڪن  هوندو. ان لاءِ ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن جا شاگرد وڌ کان وڌ پنهنجي تعليم جي حاصلات ڏانهن ڌيان ڏين.



Comments

Popular posts from this blog

Yousuf Laghari Profile by Nimra

Aqeel Ahmed Soomro

TWO OLD GOVERNMENT SCHOOLS OF HYDERABAD CITY