Yasir Sodhar -Interview with Waheed Akber Khaskheli

To be checked

ياسر سوڍر
رول نمبر؛ 93
بي ايس پارٽ ٽيون
انٽرويو
وحيد اڪبر خاصخيلي

وحيد اڪبر خاصخيلي پهرئين آگسٽ 1982ع ۾ تعلقي ميهڙ جي هڪ ننڍي شهر فريد آباد ۾ علي اڪبر خاصخيلي جي گهر ۾ جنم ورتو، هن شروعاتي تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ مان حاصل ڪئي ۽ ٻارهين جماعت گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ميهڙ مان پاس ڪئي، ان کانپوءِ هن تعليمي شهر ڄامشوري جو رک ڪيو جتي هو سنڌ يونيورسٽي جي شعبي سوشل ورڪ ۾ داخل ٿيو، جٿان هن بي.اي ۽ ايم اي سٺن نمبرن مان پاس ڪئي ۽ سلور ميڊل حاصل ڪيو. تنهن کانپوءِ هن مختلف NGOs ۾ ڪم ڪيو ۽ معاشري جي ترقي لاءِ جاکوڙ شروع ڪئي. وقت سان گڏو گڏ وحيد اڪبر خاصخيلي به پنهنجي محنت جاري رکي ۽ هو سنڌ يونيورسٽي جي شعبي سوشل ورڪ ۾ ريسرچ اسسٽنٽ مقرر ٿيو، ۽ ڪجھ وقت کانپوءِ هو فيڊرل اردو يونيورسٽي آف آرٽس، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو جتي  ڪجھ وقت رهڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي جي شعبي سوشل ورڪ ۾ ليڪچرار طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. جنهن سان ڳالھ ٻولھ ڪجي ٿي.


سوال: توهان جو سوشل ورڪ شعبي ۾ شوق ڪيئن پيدا ٿيو؟
جواب: جڏهن آئون ننڍو هيس ته اسان جي ڳوٺ ۾ بنيادي سهولتن جهڙوڪ تعليم، صحت، پاڻي، وغيره جي تمام ڏاڍي کوٽ هوندي هئي، ان وقت کان مون سوچيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ ايترا بنيادي مسئلا آهن ته پوءِ پوري سنڌ ۾ ڇا حالت هوندي. ان وقت کان مون پڪوپھ ڪيو ته پنهنجي ڳوٺ ۽ سنڌ جي خدمت ڪندس.

سوال: هڪ سوشل ورڪر جي بنياد تي اوهان معاشري جي ڪهڙن مسئلن ۾ پنهنجو حصو ڏنو آهي؟
جواب: جڏهن سنڌ اندر ٻوڏ جو وقت هيو ته اسين ايمرجنسي ڪيمپن ۾ وياسين جتي ماڻهن کي کاڌو، رهائش، دوائون ۽ تعليمي سهولتون فراهم ڪيون.  منشيات جي خاتمي لاءِ هڪ مهم شروع ڪئي جنهن ۾ اسان کي ڀرپور موٽ ملي.

سوال: سنڌ ۾ ڪهڙا سماجي مسئلا آهن؟ ۽ انهن کي حل ڪرڻ ۾ ماڻهن جي ڪيتري دلچسپي آهي؟
جواب: سنڌ ۾ تمام گھڻا مسئلا موجود آهن جنهن جي ڪا حد ناهي، ڪجھ مسئلا جهڙوڪ غربت، جهالت، وڌندڙ آبادي، منشيات جو واپرائڻ، تعليم جي کوٽ وغيره. اسان ۾ شعور جي تمام وڏي کوٽ آهي، جڏهن ڪو به سماجي مسئلو ٿيندي ڏسندا آهيون ته ان کي حل ڪرڻ بجاءِ اهو چئي اتان نڪري ويندا آهيون ته “اسان جو ڇا وڃي”. ايئن ڪرڻ سان مسئلا حل ته نه ٿيندا ويتر مسئلا وڌندا.

سوال: اوهان جي نظر ۾ سنڌ جا سماجي مسئلا ڪيتري حد تائين ٿي چڪا آهن؟
جواب: ڏٺو وڃي ته سنڌ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ پٺتي پيل آهي ۽ هر دور ۾ سنڌ کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، 1947ع کانپوءِ سنڌ اندر سماجي ڪمن ۾ سست رفتاري محسوس ڪئي وئي آهي، جيڪي مخير حضرات سماجي ڪمن ۾ رڌل هوندا هئا انهن جو سماجي ڪمن ۾ حصو گهٽجي ويو ۽ حڪومت جي ذميواري وڌڻ لڳي جنهن سان ڪجھ مسئلا حل ٿيا ۽ ڪجھ رهجي ويا. سنڌ کي عبدالستار ايڌي ۽ مسڪين جهان خان کوسي جهڙن ماڻهن جي ضرورت آهي.

سوال: ٻهراڙي جي سڌارن ۾ NGOs جو ڪهڙو ڪردار آهي؟
جواب: حقيقت ۾ ته اهو ڪم سرڪار جو آهي ته ٻهراڙين جي ماڻهن اندر شعور جي لهر پيدا ڪجي پر ٻهراڙين جي آبادي شهرن کان تمام گھڻي آهي انڪري سرڪار ڪجھ ڳوٺن ۾ نٿي پهچي اتي غير سرڪاري تنظيمون پهچي ماڻهن جي خدمت ڪن ٿيون، ٻهراڙين اندر NGOs جو سٺو ڪم ٿيل آهي.

سوال: ڏٺو وڃي ته سماجي مسئلا اسين پاڻ پيدا ڪندا آهيون ۽ انهن کي حل ڪرڻ بجاءِ حڪومت تي ذميواري ڏيندا آهيون، ان جو ڇا سبب آهي؟
جواب: انسان جي رويي ۽ اخلاق سبب مسئلا پيدا ٿيندا آهن، انسان جي فطرت مسئلا پيدا ڪرڻ آهي ۽ انهن مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ اسان ڪا به دلچسپي ناهيون رکندا، اهوئي سبب آهي جو اسان پنهنجا مسئلا پاڻ حل ڪرڻ بجاءِ حڪومت کي ذميواري ڏيندا آهيون.

سوال: سماجي شعور ڪيئن ممڪن آهي؟
جواب: ڄاڻ جي آگاهي سان معاشري ۾ شعور اچي سگھجي ٿو.

سوال: سماج جي بهتري لاءِ اوهان ڪهڙو پيغام ڏيندا؟

جواب: هر ماڻهو پنهنجي حصي جو ڪم ڪري، ٻين تي آڱر کڻڻ بجاءِ پنهنجي من ۾ جھاتي پائي پنهنجي ذميواري جو ڪم ڪرڻ گھرجي.  

Comments

Popular posts from this blog

Yousuf Laghari Profile by Nimra

Aqeel Ahmed Soomro

TWO OLD GOVERNMENT SCHOOLS OF HYDERABAD CITY