Mehtab Shar Profile



 مهتاب نبي شر
 ايم اي پريويس
رول نمبر؛ 2k17-MMC-25
پروفائيل
الله ڏنو خواجه

ڪي ماڻهو عام رواجي تعريفي فقرن ۽ صورت ۾، عام ماڻهن جي سوچ کان به مٿي ۽ مختلف هوندا آهن، اهڙن ماڻهن جي ظاهري ڏيک ويک شڪل ۽ صورت کي ڏسي سندن پختگيءَ، سوچ، سمجهه ۽ ڄاڻ جو اندازو لڳائي نه سگهبو آهي. هي جيڪو سڀني ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ ذيادهه تعليم يافته آهي، هي جيڪو هيڻن جو همراهه ۽ مظلومن جو ساٿي آهي، هي جيڪو ميرٽ کي يقيني بڻائڻ لاءِ آءِ جي سنڌ جهڙو عهدو ڇڏڻ لاءِ تيار ٿي ويو.!
الله ڏنو خواجه جي پيدائش 24 اپريل 1965ع تي ٽنڊو محمد خان ۾ سيٺ عزيز علي خواجه  جي گهر ۾ ٿي، هن جو والد اصل ڏندو اسٽيشن تلهار جو رهواسي آهي سندس اباڻي زمين به اتي ئي آهي پاڻ بعد ۾ ٽنڊو محمد خان طرف لڏپلاڻ ڪيائون. اي ڊي خواجه جي پرورش سيٺ درياڻو مل نالي واڻيي ۽ سندس والد گڏيل طور تي ڪئي هـئي ڇاڪاڻ ته سيٺ درياڻو مل سندس والد عزيز علي خواجه جو بهترين دوست  هو درياڻي مل کي 4 نياڻين جواولاد هيو پر کيس پٽ جو اولاد نه هو جنهن ڪري هن اي ڊي خواجه کي پٽ ڪري سڏيو هو.
اي ڊي خواجه پنهنجي شروعاتي تعليم جا 8 درجا ٽنڊو محمد خان مان حاصل ڪيا، جنهن کانپوءِ هن ڄامشوري جو رخ ڪيو، ۽ ڪيڊٽ ڪاليج ڄامشورو مان انٽرميڊيئيٽ ڪيائين. انٽرميڊيئيٽ ڪرڻ کانپوءِ هن سن 86/87ع ۾اين.اي.ڊي (N.E.D) مان بي.اي(B.E)  ڪئي ان کانپوءِ اي ڊي خواجه سي ايس ايس جو امتحان ڏنو جنهن ۾ سندس سليڪشن فارين سروسز کاتي ۾ ٿي جنهن کانپوءِ الله ڏنو خواجه 1987ع ۾ ٿيل ڪميشن   (C.S.S)جو ٻيهر امتحان ڏنو جتي سندس بهترين نتيجي اچڻ تي 1987/4/14ع ڌاري کيس سنڌ پوليس ۾ ڊائريڪٽ (اي.ايس.پي) مقرر ڪيو ويو.
اي ڊي هڪ نجي چئنل کي انٽرويو ڏيندي ٻڌايو هو ته کيس ننڍي هوندي کان ئي ڪتابن پڙهڻ سان دلچسپي هوندي هئي ۽ هو انگريزي ڪالم ۽ ناول به پڙهندو رهندو هو جيڪي اڳتي هلي ڪميشن جي امتحان ۾ سندس لاءِ فائديمند ثابت ٿيا.
وڌيڪ تعليم ۽  يادگار ڪيريئر بابت الله ڏنو خواجه ٻڌايو ته 2002 ۽ 3 جي وچ ۾ جڏهن حيدرآباد ۾امن امان جي صورتحال خراب هئي تڏهن اڍائي کان ٽي سال ايس ايس پي حيدرآباد رهيا جيڪو سندس امن امان قائم ڪرائڻ جي حوالي سان تاريخي پيرڊ رهيو، ان وقت دوران هن پنهنجي پڙهائي به جاري رکي هن 2003ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪرمنالوجي ۾ پنهنجي ماسٽرس مڪمل ڪئي ۽ ماسٽرس ڪرڻ دوران سندس رهائش ميٺارام هاسٽل حيدرآباد ۾ هئي جتي ساڻس تنهن وقت جو (اي ايس پي) حيدرآباد ڪينٽ شرجيل کرل جيڪو هن وقت ڊي .آء .جي آهي ۽ هن وقت جو ڊي.ايس.پي ماتلي خالد رستماڻي پڻ گڏ رهندا هئا.
سندس ويجهي رهندڙ پوليس آفيسر خالد رستماڻي جيڪو سندس ڪلاس فيلو به آهي ان ٻڌايو ته منهنجو تمام گهڻو وقت اي ڊي خواجه جي ذيردستگيءَ ۾ گذريو آهي جڏهن ته هن سندس طبيعت بابت ٻڌايو ته الله ڏنو خواجه صاحب انتهائي شفيق ۽ خدا جو خوف رکندڙ انسان آهن، هو ميرٽ تي تمام گهڻو يقين رکندا آهن ۽ الله ڏنو خواجه صاحب اڪثر اهو درس ڏيندا آهن ته جيڪڏهن نيت صاف هجي ته خدا مدد ڪندو آهي ۽ منزل آسان ٿي پوندي آهي.
 سندس ذيردست رهندڙ ايس.اڇ.او غلام نبي شر ٻڌايو ته هو نهايت ايماندار آفيسر آهن ۽ جڏهن هو ايس پي هئا تڏهن پنهنجا روپ مٽائي ضلعي اندر نگراني ڪندا هئا ۽ ماڻهن کان پوليس جي شڪايتن سميت مسئلا معلوم ڪندا رهندا هئا.  جنهن جي ڪري سندس ضلعو رشوت سميت هر قسم جي ڏوهه کان بنسبت ٻين جي وڌيڪ آجو هوندو هيو.
الله ڏنو خواجه حيدرآباد، بدين ۽ شڪارپور سميت سنڌ جي 7 ضلعن ۾ (S.S.P) رهي چڪو آهي، ان کان علاوهه الله ڏنو خواجه ايس ايس پي کان علاوهه ڊي آءِ جي(D.I.G) ايسٽ ڪراچي ۽ ڊي آءِ جي سائوٿ ڪراچي پڻ رهي چڪو آهي هن ڊائريڪٽر نيب  (N.A.I.B)۽ ڊائريڪٽر ايف آءِ اي  (F.I.A)جهڙن اهم عهدن تي پڻ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن ڪامياب ترين سفر رڳو انهن عهدن تائين محدود ناهي پر الله ڏنوخواجه آءِ جي سنڌ مقرر ٿيڻ کان پهريان ايڊيشنل آءِ جي(A.I.G)  اسپيشل برانچ پڻ رهي چڪو آهي. مارچ 2016ع ۾ سندس زندگيءَ ۾ تمام وڏو موڙ تڏهن آيو جڏهن تنهن وقت جي آءِ جي سنڌ غلام حيدر جماليءَ کي هٽائي بهترين رڪارڊ ۽ تجربي هئڻ ڪري تنهن وقت جي وزيراعظم ميان نوازشريف پاران کيس نئون آءِ جي سنڌ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي هئي،۽ بطور آءِ جي گهٽ وقت اندر گهڻي تبديلي آندي آهي. جنهن ۾ هن نه رڳو عوام پر پوليس عملدارن لاءِ به ڪيترائي تعريف جوڳا قدم کنيا آهن هن وقت به سندس خدمتون توهان ۽ اسان سڀني جي سامهون آهن.
الله ڏنو خواجه انهن ماڻهن منجهان آهي جيڪي پنهنجي زندگيءَ ۾ بلندين تي پهچي به ائين سوچيندا آهن ته اسان جي منزل اڃا به اڳتي.. 
Attachments area

Comments

Popular posts from this blog

Yousuf Laghari Profile by Nimra

Aqeel Ahmed Soomro

TWO OLD GOVERNMENT SCHOOLS OF HYDERABAD CITY