Fozia- Interview


Interview-Fozia khanum soomro- MA( PRE) 63
ليکڪ، شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ استاد ڊاڪٽر احسان دانش
ڊاڪٽر احسان دانش جنهن جو اصل نالو احسان الحق آهي، جيڪو اديب، ليکڪ ۽ شاعر آهي، هن پنهنجي تعليم پرائمري کان وٺي گريجوئيشن تائين لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي، ان کان پوءِ M.A سنڌي ادب ۽ M.A اردو ادب ۾ ڪئي، سنڌ يونيورسٽي مان اهي ٻئي ڊگريون هن پرائيويٽ طور ڪاليج سائيڊ کان حاصل ڪيون آهن، هن ايم فل ۽ 2014ع ۾ Ph.D ڪئي، جنهن ۾ کيس شاهه لطيف جي شاعري جو سماڌي ڪارج پروفيسر طور ۽ 2007ع ۾ هن کي سنڌي ادبي لئنگئيج اٿارٽي جي طرفان ايوارڊ به مليو، سندس 7 ڪتاب پڻ ڇپيل آهن.
سوال: توهان کي شاعريءَ جو شوق ڪڏهن کان شروع ٿيو، ڪنهن کان متاثر ٿي؟ توهان جو پسنديده شاعر ڪير آهي؟
جواب: منهنجو جيڪو بيڪ گرائونڊ آهي اهو ليڪچرري بيڪ گرائونڊ آهي، منهنجي ننڍي لاءِ کان ڪتابن سان هڪ دلچسپي رهي، ننڍي لاءِ کان گهر ۾ هڪ ادبي ماحول ٿي ويو هو ته سٺا ڪتاب پڙهڻ جي ڪري لکڻ جو شوق به ٿيو، مونکي والد صاحب ڪجهه ادبي ڪانفرنس ۾ ۽ ٻين جڳهين تي پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هو، ان ڪري مون کي اهو شوق ٿيو، پڙهڻ جي ڪري به ماحول جي ڪري به 1988ع ۾ مان پهريان پهريان پنهنجي شاعري لکي ۽ شاعر ته تمام گهڻا پسنديده آهن پر جيڪو سڀ کان وڌيڪ پسنديده شاعر آهي اهو شاهه لطيف آهي.
سوال؛ توهان Ph.D  به ڪئي آهي، هڪ شاعر ۽ استاد به آهيو ته توهان اهي ٽئي شيون مينيج ڪيئن ڪيون؟
جواب: اصل ۾ ڇا آهي جو منهنجا اهي ٽئي شعبا هڪ ٻئي سان رليٽو آهن، جيڪا مون Ph.D ڪئي آهي، اها به هڪڙو تعليم کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪئي آهي، اها هڪڙي اعليٰ ڊگري آهي، ملڪ جي وڏي ۾ وڏي ڊگري آهي، ڪنهن به شعبي کي وڌائڻ لاءِ، پر ان جو موضوع ڪهڙو آهي، ان جو موضو آهي ادب ڇو جو مان بنيادي طور تي رائيٽر آهيان، شاعر آهيان ته پوءِ شاعر تمفيق آهي  پوءِ توهان جيڪو Ph.D ٿا ڪيو، اهو آهي تحقيق ريسرچ ته هجي تحقيقي، تنفيق ۽ ترجمو اهي سڀ شيون هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن ۽ اهي ٽئين شيون اديب آهن، منهنجي دل جي تمام قريب آهن، هڪڙا ماڻهو هوندا آهن ته اهي پنهنجي شعبي سان مطمئن نه هوندا آهن، اهي باءِ چانس اچي ويندا آهن ۽ هڪڙا ايندا آهن باءِ چوائيس، پڙهائڻ منهنجي چوائيس آهي، مان هتي صرف نوڪري ڪرڻ لاءِ نه آيو آهيان، هي منهنجي چوائيس آهي ۽ مان دل سان پڙهائيندو آهيان، روح سان مطمئن ٿي جيڪڏهن اهي ٽئي شيون مان سمجهان ٿو ته ڳنڍيل آهن.
سول:  توهان جا اڄ تائين ڪيترا ڪتاب ڇپجي چڪا آهن؟
جواب: اڄ تائين منهنجا 7 کان 9 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن ۽ اڃا اهڙا 7 کان 8 ڪتاب ٻيا به آهن، جيڪي ڇپجڻ لاءِ تيار آهن، انهن مان ٻه ڪتاب هي سال اچي ويندا ۽ ٻيا به اچي ويندا.

سوال: اڄڪلهه جي شاعري بابت توهان ڇا ٿا چئو؟
جواب: شاعري ادبي روح آهي، اها جيڪا ادب جو روح آهي،
سوال: ولگر شاعريءَ کان ايندڙ نسل کي ڪيئن بچائجي؟
جواب سماج کي ولگرٽي جي ضرورت ئي ڪانهي ڪا، پوءِ ڪنهن به شعبي ۾ هجي ڪهڙي به فارم ۾ هجي، ولگرٽي جي ته سوسائٽي کي ضرورت ئي ڪونهي، جيڪي به سڌريل ملڪ آهن، ترقي يا تعليم يافتا انهن ملڪن ۾ اسان ڏسنداسين ته اتي ڪنهن به قسم جي ولگرٽي جي ڪا ضرورت ڪونهي ڪا، اڄڪلهه اهي شيون ڳايون وڃن ٿيو، انهن جي ڪا عمر ڪونهي، ڪا 5 ڏينهن، هفتو يا 2 مهينا هلي ختم ٿي ويندو ۽ ڪنهن کي ياد به نه رهندي پر جيڪي ادبي شيون آهن، بيس آهي، هڪڙو بنياد رهندو، اهي صدين تائين توهان کي ياد رهنديون
پرچن شال پنهوار ڍولا مارو
پنهنجا پرچن شال پنهوار
هن کي ڪيترائي سال گذري ويا 40 سال اڳ ۾ ڳايو ويو پوءِ به اڄ تائين اسان کي ياد آهي، اهي جيڪي سٺا فنڪار آهن، سنڌي ۽ ادبي اهي اسان کي ياد آهن.استاد بخاري ۽ شيخ اياز اڄ تائين اسان وٽ زندهه آهن، لطيف آ، سچل آ ۽ ٻيا جيڪي به پنهنجا شعر آهن، اهي سدائين اسان وٽ هوندا جو انهن جي شاعري ولگرٽي ناهي، انهن جي شاعري ۾ هڪڙو ميسيج آهي، سوسائٽي ۽ سماج لاءِ.
سوال: توهان کي موسيقيءَ سان لڳاءُ آهي ته توهان جو پسنديده گلوڪار (فنڪار) ڪهڙو آهي؟
جواب: موسيقي سان تمام گهڻو لڳاءُ آهي، بهترين ڪليڪشن آهي، منهنجا پسنديده فنڪار آهن ته گهڻا پر هڪ ٻه نالا مان توهان کي ٻڌائي سگهندس، عابده پروين مون کي تمام گهڻو پسند آهي، قادر پير جا جيڪي صوفي ڪلام آهن ۽ لطيف کي ٻڌو آهي، ٻرڙو شاهه آهي مهدي حسن، راحت فتح علي ۽اگر پرستار جي ڳالهه ڪجي ته لتا جو جواب ڪونهي، آشا ڀوسلي ان کانپوءِ، جگجيت سنگهه کي اڪثر مان ٻڌندو آهيان، اهي ڪافي آهن، شاعر هن اڃا هڪ ڊگهي لائين آهي.

سوال: هڪ سٺو شاعر بڻجڻ لاءِ ڪهڙيون خوبيون هجڻ گهرجن، جنهن سان هو بهترين شاعر بڻجي سگهي؟
جواب: هڪ سٺو شاعر بڻجڻ لاءِ سڀ کان پهريان ته ضرورت آهي سٺو متالعو هجي، سٺو روح رکندڙ هجي ۽ احساس هجي شين کي معاملن کي سوچيندڙ هڪي ۽ ان کي محسوس ڪندڙ هجي، ماڻهن کي سمجهندڙ هجي، مانا ان وٽ جذبي جي ڪمي نه هجي، هن جو فڪر اعليٰ هجي، ان جو تليخقاتي پهلو آهي، اهو تمام اعليٰ هجڻ گهرجي، ان وٽ جيڪو خيال هجي پنهنجو تصور هجي اهو اعليٰ هجي، ڇو ته شاعري ۾ 2 شيون ضروري هونديون آهن، هڪڙو خيال ضروري آهي، فڪر ضروري آهي، ان کان علاه تخليق ضروري آهي.


سوال: اڄڪلهه جي نوجوانن لاءِ توهان ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهيو ٿا؟
جواب: حقيقت ۾ ته اسان جيڪو ڪجهه لکيو آهي اهو پيغام ئي آهي، ليکڪ جي هر سٽ هر لفظ پيغام ئي هوندو آهي، مان ته ٽيچر به آهيان ته مان اتي به پنهنجي شاگردن کي اها ئي ڳالهه ٻڌائيندو آهيان ته انسان بڻجون پو ته اسان مان تمام ٿورا ماڻهو انسان آهن، اهي ماڻهن آهن پر انسان ناهن، انسان تڏهن ٿي سگهجي ٿو جڏهن اهي اعليٰ گڻ توهان ۾ اچي وڃن، جنهن جي بنياد تي توهان کي اشرف المخلوقات چيون وڃي ٿو، ته هي اشرف المخلوق آهن، جيڪڏهن گڻ اسان ۾ پيدا نٿا ٿين ته پوءِ اسان انسان ناهيون، پوءِ اسان خصيص ماڻهو آهيون، ائين ماڻهو ۽ انسان ۾ دنيا ۾ فرق هوندو آهي.




Comments

Popular posts from this blog

Yousuf Laghari Profile by Nimra

Aqeel Ahmed Soomro

TWO OLD GOVERNMENT SCHOOLS OF HYDERABAD CITY